اسلام آباد: (جمعو: 05 جولاءِ 2024ع) اسلام آباد ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي جلسي جو اين او سي معطل ڪيو ويو آهي.
چيف ڪمشنر اسلام آباد جي صدارت هيٺ محرم الحرام ۽ ٻين سيڪيورٽي صورتحال تي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سيڪيورٽي ادارن جي آفيسرن به شرڪت ڪئي.
ضلعي انتظاميه موجب هڪ سياسي جماعت دعوت باوجود اجلاس ۾ شريڪ نه ٿي، اجلاس ۾ جلسي بابت درخواستن جو جائزو ورتو ويو.
انتظاميه جو چوڻ هو ته ڊي سي طرفان ڏنل اجازتنامي جو هاڻوڪي سيڪيورٽي خدشن کي مدنظر رکندي نئين سر جائزو ورتو ويو، جنهن بعد چيف ڪمشنر اسلام آباد ڊپٽي ڪمشنر اين او سي معطل ڪري ڇڏيو آهي.
Mazahimat