حڪومت سان ڳالهيون: پيپلز پارٽي بجيٽ اجلاس جو بائيڪاٽ وارو فيصلو واپس وٺي ڇڏيو

حڪومت سان ڳالهيون: پيپلز پارٽي بجيٽ اجلاس جو بائيڪاٽ وارو فيصلو واپس وٺي ڇڏيو

اسلام آباد: (ڇنڇر: 22 جون 2024ع)   وفاقي حڪومت سان ڳالهين ۾ اهم اڳڀرائي کان پوءِ پيپلز پارٽي بجيٽ اجلاس جي بائيڪاٽ جو فيصلو واپس وٺي ڇڏيو آهي.

ذريعن موجب پيپلز پارٽي طرفان بجيٽ تي ووٽ ڏيڻ بابت اڃان تائين فيصلو نه ٿي سگهيو پر پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سمورن قومي اسيمبلي جي ميمبرن کي بجيٽ اجلاس ۾ شرڪت يقيني بنائڻ جي هدايت ڪئي جنهن تي ميمبرن اجلاس ۾ شرڪت ڪئي.

ياد رهي ته گذريل ڏينهن ڳالهين واري ڪميٽي جي ميمبرن وزيراعظم شهباز شريف سان ملاقات ڪئي ۽ حڪومت سازي دوران ٿيندڙ معاهدي تي عمل تي عمل ڪرڻ جو يقين ڏياريو.

مسلم ليگ(ن) ۽ پيپلز پارٽي جي ڳالهين واري ڪميٽي وچ ۾ اڄ ٻيهر ڳالهيون شيڊول آهن. ڌريون سمورن معاملن تي اتفاق راءِ کان سواءِ سمورن معاهدن تي لکت به ڪئي ويندي.

About Mazahimat

Check Also

شيخ رشيد بجيٽ 2024-25 کي غريب دشمن بجيٽ قرار ڏئي ڇڏيو

شيخ رشيد بجيٽ 2024-25 کي غريب دشمن بجيٽ قرار ڏئي ڇڏيو

سلام آباد: (خميس: 13 جون 2024ع) اڳوڻي گهرو وزير ۽ عوامي مسلم ليگ جي سربراهه …