شھباز شريف پاران 7 فيبروري تي ڪل جماعتي ڪانفرنس گھرائڻ جو اعلان، پي ٽي آئي چيئرمين عمران خان بہ دعوت ڏني وئي.

شھباز شريف پاران 7 فيبروري تي ڪل جماعتي ڪانفرنس گھرائڻ جو اعلان، پي ٽي آئي چيئرمين عمران خان بہ دعوت ڏني وئي.

وزيراعظم شهباز شريف 7 فيبروري تي اسلام آباد ۾ ڪل جماعتي ڪانفرنس گهرائي ورتي، جنهن ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان کي به شرڪت جي دعوت ڏني وئي آهي.
ان حوالي سان جاري ڪيل پڌرائيءَ موجب وزيراعظم اهم قومي چئلينجن تي سڀني سياسي جماعتن کي ميز تي ويهارڻ جو فيصلو ڪيو آهي، سڀني قومي سياسي اڳواڻن کي اي پي سي ۾ شرڪت جي باضابطا طور دعوت ڏني وئي آهي.


پڌرائيءَ ۾ چيو ويو آهي ته وزيراعظم تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان کي به اي پي سي ۾ گهرائي ورتو آهي.


پڌرائيءَ موجب اياز صادق جا پي ٽي آءِ اڳواڻن اسد قيصر ۽ پرويز خٽڪ سان رابطا ٿيا آهن، هن ٻنهي پي ٽي آءِ اڳواڻن کي وزيراعظم جو پيغام ڏنو آهي.


وزيراعظم سڀاڻي پشاور ۾ ٿيندڙ ايپڪس ڪميٽي جي اجلاس ۾ به پي ٽي آءِ جي نمائندن کي شرڪت جي دعوت ڏني آهي.


اياز صادق وزيراعظم جو اهو پيغام اسد قيصر ۽ پرويز خٽڪ کي پهچايو ته دهشتگردي خلاف ايپڪس ڪميٽي ۾ پي ٽي آءِ نمائندن کي شريڪ ٿيڻ جي دعوت ڏيون ٿا.
سردار اياز صادق پي ٽي آءِ اڳواڻن کي درخواست ڪئي ته هو پنهنجي پارٽي جي نامزد ڪيل نمائندن جي نالن کان آگاهه ڪن.
گورنر هائوس ۾ اپيڪس ڪميٽي جي اجلاس ۾ سمورا اسٽيڪ هولڊر، پوليس، رينجرز ۽ حساس ادارن جا اعليٰ آفيسر شرڪت ڪندا.
اجلاس ۾ 30 جنوري تي پشاور پوليس لائنز جي مسجد ۾ دهشتگردي جي واقعي تي غور ڪيو ويندو.
اپيڪس ڪميٽي جي اجلاس ۾ دهشتگردي جي خاتمي، سي ٽي ڊي ۽ پوليس جي اپ گريڊيشن جي قدمن تي غور ڪيو ويندو.

ھي بہ پڙھو

پنجاب حڪومت پاران فوجي ٺڪاڻن تي حملا ڪندڙن خلاف آرمي ايڪٽ تحت ڪارروائي واري فيصلي جي منظوري

پنجاب حڪومت پاران فوجي ٺڪاڻن تي حملا ڪندڙن خلاف آرمي ايڪٽ تحت ڪارروائي واري فيصلي جي منظوري

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پنجاب حڪومت فوجي ٺڪاڻن تي حملا ڪندڙن خلاف آرمي ايڪٽ تحت ڪارروائي …