گهوٽڪي: شهيد صحافي نصرالله گڏاڻي قتل ڪيس جو هڪ جوابدار گرفتار

گهوٽڪي: شهيد صحافي نصرالله گڏاڻي قتل ڪيس جو هڪ جوابدار گرفتار

گهوٽڪي: (خميس: 06 جون 2024ع) پوليس مقتول صحافي نصرالله گڏاڻي  قل ڪيس جي هڪ جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو آهي.

ميرپورماٿيلو ۾ قاتلاڻي حملي ۾ شهيد ٿيل صحافي جي قتل ڪيس ۾ ملوث هڪ جوابدار کي پوليس يارولنڊ جي علائقي مان گرفتار ڪري ورتو.

پوليس موجب گرفتار جوابدار کان صحافي جي قتل ۾ استعمال ٿيل موٽر سائيڪل به هٿ ڪئي وئي آهي جڏهن ته جوابدار کي جاچ جي لاءِ نامعلوم هنڌ منتقل ڪيو ويو آهي.

پوليس اختيارين موجب جوابدار جي ساٿين جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن. جلد ئي نصرالله گڏاڻي قتل ڪيس ۾ ملوث ٻين جوابدارن کي به گرفتار ڪري وٺنداسين.

ياد رهي ته ميرپورماٿيلو سان تعلق رکندڙ صحافي نصرالله گڏاڻي تي 21 مئي تي فائرنگ ڪئي وئي هئي جنهن کان پوءِ کيس علاج جي لاءِ ڪراچي منتقل ڪيو ويو جتي هو زخمن جي سٽ نه سهندي فوت ٿي ويو هو.

About Mazahimat

Check Also

بالبوت الأخضر الطويل.. هيفاء وهبي بإطلالة شتوية مميزة

بالبوت الأخضر الطويل.. هيفاء وهبي بإطلالة شتوية مميزة

ونظرا لأن “آيفون إس إي” الجديد فيه ذاكرة وصول عشوائي سعتها 4 غيغابايتات، فمن المرجح …