سائفر ڪيس: عمران خان ۽ شاهه محمود قريشي جي بريت سپريم ڪورٽ ۾ چيلينج

سائفر ڪيس: عمران خان ۽ شاهه محمود قريشي جي بريت سپريم ڪورٽ ۾ چيلينج

اسلام آباد: (خميس: 13 جون 2024ع) وفاقي جاچ ايجنسي(ايف آءِ اي) سائفر ڪيس ۾ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان ۽ شاهه محمود قريشي جي بريت سپريم ڪورٽ ۾ چيلينج ڪري ڇڏي.

ايف آءِ اي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي فيصلي خلاف سپريم ڪورٽ ۾ اپيل داخل ڪري ڇڏي آهي. درخواست ۾ چيو ويو آهي ته پراسيڪيوشن ثبوت ۽ فارنزڪ ٿيل دستاويزات ٽرائل دوران ڏنا. هاءِ ڪورٽ جو فيصلو اهو ظاهر نٿو ڪري ته ڪهڙن بنيادن تي جوابدارن کي بري ڪيو ويو.

About Mazahimat

Check Also

حڪومت سان ڳالهيون: پيپلز پارٽي بجيٽ اجلاس جو بائيڪاٽ وارو فيصلو واپس وٺي ڇڏيو

حڪومت سان ڳالهيون: پيپلز پارٽي بجيٽ اجلاس جو بائيڪاٽ وارو فيصلو واپس وٺي ڇڏيو

اسلام آباد: (ڇنڇر: 22 جون 2024ع)   وفاقي حڪومت سان ڳالهين ۾ اهم اڳڀرائي کان پوءِ …