سحري ۽ افطاري ۾ گيس جي فراهمي يقيني بڻائي ويندي.سوئي سدرن گيس ڪمپني

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سوئي سدرن گيس ڪمپني چيو آهي ته سحري ۽ افطاري ۾ گيس جي فراهمي يقيني بڻائي ويندي.
سوئي سدرن گيس جي ترجمان چيو آهي ته سوئي سدرن گيس رمضان مهيني دورا پنهنجن سڀني واهپيدارن جي سهولت لاءِ سحري ۽ افطاري جي تياري جي وقتن ۾ گيس جي فراهمي کي يقيني بڻائيندو.
ترجمان موجب هر سال گيس جي ملڪي ذخيرن ۾ ٿيندڙ 8 کان 10 سيڪڙو گھٽتائي سبب سوئي سدرن گيس جي سسٽم ۾ گيس جي گھرج ۽ پهچ ۾ به واضح گھٽتائي موجود آهي، ان ڪري گيس جي پريشر کي يقيني بڻائڻ لاءِ گيس پريشر جي پروفائلنگ کي جاري رکيو ويندو.
رمضا المبارڪ ۾ گيس صبح جو 9 وڳي کان مجهند جو 3 وڳي تائين نه هوندو، جڏهن ته رات جو 3 وڳي تائين به گيس جي لوڊشيڊنگ هوندي.
سحري لاءِ رات جو 3 وڳي کان صبح جو 9 وڳي تائين گيس دستياب هوندي ۽ افطار لاءِ منجهند جو 3 کان رات جو 10 وڳي تائين گيس جي فراهمي جاري رهندي.

About Mazahimat

Check Also

بالبوت الأخضر الطويل.. هيفاء وهبي بإطلالة شتوية مميزة

بالبوت الأخضر الطويل.. هيفاء وهبي بإطلالة شتوية مميزة

ونظرا لأن “آيفون إس إي” الجديد فيه ذاكرة وصول عشوائي سعتها 4 غيغابايتات، فمن المرجح …