ميهڙ ۾ عدالت ۾ 3 ڄڻا قتل، جوبدارن پاڻ کي پوليس جي حوالي ڪري ڇڏيو.

ميهڙ ۾ عدالت ۾ 3 ڄڻا قتل، جوبدارن پاڻ کي پوليس جي حوالي ڪري ڇڏيو.

ميهڙ(مانيٽرينگ ڊيسڪ ) ميهڙ ۾ کونهارا برادري ۾ تڪرار تان عدالتي احاتي اندر فائرنگ ۾ ٻن ڀائرن سميت 3 ڄڻا مارجي وياميھڙ جي سيڪنڊ ايڊيشنل سيشن جج جي عدالت ۾ حاضري تي آيلن تي هٿياربندن عدالتي عمارت اندر ڇتي فائرنگ ڪري ڏني جنهن جي نتيجي ۾ ڪي اين شاهه جي ڳوٺ ڇوڙ قمبر جا رھواسي 2 ڀائر زاھد ، محبوب ۽ سئوٽ ستار کونھارو مارجي ويا

ٻڌايو پيو وڃي ته کونهارا برادري ۾ تڪرار تان جوابدار اشرف ، ضمير ۽ ستار کونھارو فائرنگ ڪري ٽن ڄڻڻ کي قتل ڪرڻ بعد پاڻ کي پوليس آڏو پيش ڪري ڇڏيو2020 ع ۾ ن ڇوڙ قمبر ۾ زرعي زمين جي تڪرار تان کونھارا برادري ۾ جھيڙو ٿيو ھيو جنھن تان حاجي نظير ، مختيار کونھارو قتل ڪيا ويا هئا جنھن جي پلاند ۾ جوابدارن حاضري تي آيل ٻن ڀائرن ۽ ھڪ سئوٽ کي عدالتي عمارت ۾ فائرنگ ڪري قتل ڪري ڇڏيو

About Mazahimat

Check Also

سن اليأس عند الرجال.. هل من طريقة لعلاجه؟

سن اليأس عند الرجال.. هل من طريقة لعلاجه؟

ونظرا لأن “آيفون إس إي” الجديد فيه ذاكرة وصول عشوائي سعتها 4 غيغابايتات، فمن المرجح …