9 مئي هنگامن ۾ ايجنسين جا اهلڪار ملوث آهن: عمران خان

9 مئي هنگامن ۾ ايجنسين جا اهلڪار ملوث آهن: عمران خان

لاهور(مينيٽرنگ ڊيسڪ) پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان چيو آهي ته اسان وٽ شاهديون آهن ته هنگامن ۽ ڪجهه جاين تي فائرنگ ۾ ايجنسين جا اهلڪار ملوث هئا، پي ٽي آءِ سربراهه ٽوئيٽر تي جاري ڪيل پنهنجي وڊيو بيان ۾ چيو آهي ته ٻنهي پاسن جي ڳالهه ٻڌڻ بنا هڪ جج ڪڏهن به فيصلو ناهي ڪندو، اهڙن واقعن جي آزاد جاچ ٿيڻ گهرجي، هنگاما اِن ڪرايا ويا ته جيئن پي ٽي آءِ مٿان الزام مڙهي ڪريڪ ڊائون جو جواز پيدا ڪيو وڃي، هن چيو ته هڪ منظم سازش تحت حڪومتي جايون ۽ ڪور ڪمانڊر جو گهر ساڙيو ويو، اسان وٽ وڊيوز آهن ته ڪيئن ماڻهن کي ڀڙڪايو ويو، اِن عمل ۾ ڪهڙا ماڻهو شامل هئا؟ عمران خان وڌيڪ چيو ته ياسمين راشد ۽ منهنجي ڀيڻ واضح طور مظاهرين کي جناح هائوس تي نقصان نه پهچائڻ جي هدايت ڪري رهيون هيون، تخريبڪارن کي بندوقون ڏئي مظاهرين جي وچ ۾ آندو ويو.

About Mazahimat

Check Also

بالبوت الأخضر الطويل.. هيفاء وهبي بإطلالة شتوية مميزة

بالبوت الأخضر الطويل.. هيفاء وهبي بإطلالة شتوية مميزة

ونظرا لأن “آيفون إس إي” الجديد فيه ذاكرة وصول عشوائي سعتها 4 غيغابايتات، فمن المرجح …