“اوهانکي ڏسي خوشي ٿي ” اهو جملو هر ڪنهنکي چوندو آهيان، ان تي تنقيد جو نشانو بڻايو ويو: چيف جسٽس عمر عطا بنديال

“اوهانکي ڏسي خوشي ٿي ” اهو جملو هر ڪنهنکي چوندو آهيان، ان تي تنقيد جو نشانو بڻايو ويو: چيف جسٽس عمر عطا بنديال

اسلام آباد(مانيٽرنگ ڊيسڪ) چيف جسٽس عمر عطا بنديال چيو آهي ته “اوهانکي ڏسي خوشي ٿي ” اهو جملو هر ڪنهنکي چوندو آهيان، ان تي تنقيد جو نشانو بڻايو ويو. سپريم ڪورٽ ۾ هڪ ڪيس دوران چيف جسٽس عمر عطا بنديال وڪيل اصغر سبزواري کي مخاطب ٿيندي چيو ته اوهانکي ڏسي خوشي ٿي گهڻي وقت کانپوءِ اوهان منهنجي عدالت ۾ آيا آهيو. هن چيو ته ان جملي چوڻ تي مونکي تنقيد جو نسانو بڻايو ويو جيتوڻيڪ آئون هر هڪ کي عزت ۽ احترام ڏيندو آهيان، ادب ۽ اخلاق ته سڀني لاءِ ضروري آهي انکانسواءِ مزو ناهي. واضح رهي ته ان کان اڳ چيف جسٽس پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان کي چيو هو ته اوهانکي ڏسي خوشي ٿي جنهن تي حڪمران اتحاد ۾ شامل جماعتن پاران مٿس سخت تنقيد ڪئي وئي هئي.

About Mazahimat

Check Also

سن اليأس عند الرجال.. هل من طريقة لعلاجه؟

سن اليأس عند الرجال.. هل من طريقة لعلاجه؟

ونظرا لأن “آيفون إس إي” الجديد فيه ذاكرة وصول عشوائي سعتها 4 غيغابايتات، فمن المرجح …