سنڌ ترقي پسند پارٽيءَ جي سربراهه ڊاڪٽر قادر مگسي چيو آهي ته ڊجيٽل آدمشماري ڪرائڻ ۾ هر پارٽيءَ جا پنهنجا مفاد آهن، پ پ پنهجن مفادن خاطر جنهن ڏار تي ويٺل آهي، ان کي ئي ڪپي رهي آهي، سنڌي اقليت ۾تبديل ٿيندا ته زرداري جي حڪومت به ختم ٿي ويندي.
سکر پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڊاڪٽر قادر مگسي چيو ته ڊجيٽل آدمشماريءَ لاءِ ورتل ڊوائسز به ناڪارا آهن، سڃاڻپ ڪارڊ وارو شرط ختم ڪرڻ غلط آهي.
هن چيو ته آدمشماريءَ لاءِ ٽي مهينا ڏان وڃن، برسات ۽ ٻوڏ سبب هڪ ڪروڙ کان وڌيڪ ماڻهو دربدر آهن، ان صورتحال ۾ آدمشماريءَ ڪرائڻ سمجهه کان ٻاهر آهي.
ايس ٽي پي سربراهه چيو ته عوامي دٻاءُ تي پ پ هاڻي آدمشماريءَ تي اعتراض ڪيا آهن، هي معاملو صوبائي طور حل ڪري سگهجي ٿو، سنڌ حڪومت فوري طور آدمشماريءَ وارو عمل روڪي.
ڊاڪٽر قادر مگسي چيو ته پ پ سنڌ کي ٻن حصن ۾ ورهايو ته قومپرست ڌريون ان خلاف عوام سان گڏجي جدوجهد ڪنديون.
هن چيو ته عمران حڪومت ختم ڪرڻ بابت هن چيو هو ته طئه ٿيل معاملو آهي، پ پ ۽ ن ليگ اسڪرپٽ تحت هلي رهيو آهن.
ڊاڪٽر قادر مگسي چيو ته استادن کي بنا تربيت فيلڊ ۾ موڪليو ويو آهي، ملڪ ۾ گهرو ويڙهه شروع ٿي سگهي ٿي.