ٽڪ ٽاڪ طرفان مشهور سوشل ميڊيا ايپ ۾ گيتن جي انگ کي محدود ڪيو پيو وڃي

ٽڪ ٽاڪ طرفان مشهور سوشل ميڊيا ايپ ۾ گيتن جي انگ کي محدود ڪيو پيو وڃي

ٽڪ ٽاڪ هڪ نئين ۽ حيرت جوڳي تبديلي صارفين لاءِ متعارف ڪرائي ڇڏي آهي.
ٽڪ ٽاڪ طرفان مشهور سوشل ميڊيا ايپ ۾ گيتن جي انگ کي محدود ڪيو پيو وڃي ته جيئن اندازو لڳائي سگهجي ته صارفين پنهنجي وڊيوز ۾ موسيقي کي ڪيتري حد تائين اهميت ڏين ٿا.
ڪمپني هڪ بيان ۾ چيو آهي ته ان تبديلي کانپوءِ تخليقڪار مخصوص گيتن کي وڊيوز ۾ استعمال نه ڪري سگهندا.
فلحال اها تبديلي آسٽريلوي صارفين لاءِ متعارف ڪرائي وئي آهي.
بيان موجب فلحال مخصوص موسيقي ۽ شيڊول ورڪ تي ان تبديلي سان اثر پوندا جڏهن ته اسان اهو تجزيو ڪنداسين ته ڪهڙي طرح ماڻهن طرفان وڊيوز لاءِ موسيقي کي استعمال ڪيو ويندو آهي.
ڄاڻايل تبديلي ڪجهه وڏين ميوزيڪ ڪمپنين لاءِ ڌچڪو ثابت ٿيندي، جن جو خيال آهي ته ٽڪ ٽاڪ طرفان ان آزمائش جي نتيجن کي بنياد بڻائي گيتن جي رائلٽي ۾ گهٽتائي آندي ويندي.
ٽڪ ٽاڪ ۽ ڪمپنين وچ ۾ ايپ جي مقبوليت ۾ گيتن جي ڪردار جي حوالي سان اتفاق ناهي.
ان ڏس ۾ ميوزڪ رائيٽس رکندڙن جو چوڻ آهي ته سندن گيت ٽڪ ٽاڪ تي ماڻهن جو ڌيان پاڻ ڏانهن ڇڪائين ٿا جڏهن ته ٽڪ ٽاڪ انتظاميا موجب موسيقي بس هن ايپ جي تجربي جو هڪ حصو آهي.
جيڪڏهن نئين تبديلي کانپوءِ ٽڪ ٽاڪ جي استعمال جي شرح مستحڪم رهي ته ٽڪ ٽاڪ کي ميوزڪ رائٽس تي وڌيڪ پئسا ڏيڻ جي ضرورت نه پوندي.

ھي بہ پڙھو

ڄامشورو: ٿاڻوبولاخان جي مختلف پولنگ اسٽيشنن تي ڌانڌلي جو انڪشاف، ٺپا هڻڻ واريون وڊيوز سوشل ميڊيا تي وائرل

ڄامشورو: ٿاڻوبولاخان جي مختلف پولنگ اسٽيشنن تي ڌانڌلي جو انڪشاف، ٺپا هڻڻ واريون وڊيوز سوشل ميڊيا تي وائرل

ڄامشورو ضلعي جي تعلقي ٿاڻو بولا خان جي مختلف پولنگ اسٽيشنز تي ڌانڌلي جو انڪشاف …