سنڌ ترقي پسند پارٽي جي سينٽرل باڊي جو اجلاس سنڌ ترقي پسند پارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي جي صدارت ۾ ٿي گذريو.
اجلاس ۾ ايس ٽي پي جي مرڪزي اڳواڻ ڄام عبدالفتاح سميجو ، گلزار سومرو ،حيدر شاھاڻي ،حيدر ملاح ،ڊاڪٽر سومار مڱريو ،عاشق سولنگي ،قادر چنا ،امتياز سمون ،نثار ڪيريو ۽ ٻين جي شرڪت ڪئي. اجلاس کي خطاب ڪندي سنڌ ترقي پسند پارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي چيو هن وقت ملڪ معاشي ۽ سياسي بحرانن مان گذري رهيو آهي. جنهن جا ذميوار ماضي ۽ حال جا حڪمران آهن. حڪمران تماشا ڪرڻ ۾ پورا آهن. ڪابه عوام دوست پاليسي نه جوڙي سگهيا آهن. مھانگائي سبب غريب مسڪين ماڻهو ماڻهو جو جيئڻ جنجال بڻجي ويو آهي. هن معاشي صورتحال ۾ حڪمرانن جا ساڳيا شاهاڻا خرچ جاري آهن. سمورو وزن عوام مٿان مھانگائي جي صورت ۾ وڌو ويو آهي. ڊاڪٽر قادر مگسي چيو ته حڪمرانن جي ڪرپشن، نااهلي ۽ تماشن سبب ملڪي معيشت تباھ ٿي آهي جنهن جي سزا عوام کي ڏني پئي وڃي. سنڌ اڃان تائين ٻوڏ جي صورتحال ۾ آهي. پ پ پ حڪومت جي گذريل 15 سالن عوام کي ڪجهه ناهي ڏئي سگهي. پ پ پ سنڌ جي جاگيردار طبقي جي نمائينده پارٽي آهي ان کي پورهيت عوام جي ڏکن ۽ اهنجن جو ڪو فڪر ناهي. انڪري سنڌ جي پورهيت طبقي کي پنهنجي مستقبل جي بهتري لاءِ سوچ ۽ ويچار ڪرڻو پوندو. سنڌ جي اندر هڪ منظم سازش تحت ذات، برادري جي بنياد تي سنڌي قوم کي حصن ۾ ورهائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي ته جئين سنڌ جي قومي ٻڌي جي طاقت کي ٽوڙي سگهجي. هن وقت سنڌ جي مسئلن جو حل ۽ درپيش خطرن جو مقابلو ڪرڻ جي سگهه صرف سنڌ ترقي پسند پارٽي وٽ آهي اها ئي پورهيت طبقي جي حقيقي نمائينده پارٽي آهي. اجلاس ۾
24 فيبروري 2023 تي حيدرآباد ۾ ٿيندڙ يوم مادر وطن جي تاريخي جلسي جي تيارين جو جائزو ورتو ويو اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته ته يوم مادر وطن جي جلسي ۾ شرڪت جي لاءِ ملڪ جي مختلف قومپرست ۽ ترقي پسند ڌرين کي دعوت ڏني ويندي ۽ مختلف شعبن ۾ نمايان ڪارڪردگي رکندڙن کي يوم مادر وطن ايوارڊ ڏنا ويندا. جلسي ۾ عوامي شرڪت جي لاءِ ڀرپور عوامي رابطا مهم هلائي ويندي.
