حڪومت ويندي يا ايمرجنسي لڳندي، پابندي جمهوريت جو قتل هوندو، پ پ سان اتحاد نه ٿيندو، سيٽون کسيندڙن خلاف غداري ڪيس هلي: عمران خان

حڪومت ويندي يا ايمرجنسي لڳندي، پابندي جمهوريت جو قتل هوندو، پ پ سان اتحاد نه ٿيندو، سيٽون کسيندڙن خلاف غداري ڪيس هلي: عمران خان

راولپنڊي ( م ڊ ) پي ٽي آءِ باني ۽ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته لڳي رهيو آهي ته حڪومت ڪيرائي ويندي يا وري ايمرجنسي لڳائي ويندي. پي ٽي آءِ تي پابندي لڳائڻ جمهوريت جو قتل هوندو، پ پ سان اتحاد نه ٿيندو، سيٽون کسيندڙن خلاف آرٽيڪل 6 هنيو وڃي، هو ڪنهن به صورت ۾ پنهنجي موقف تان نه هٽندو ڀلي سڄي عمر کيس جيل ۾ گذراڻي پوي. ڇنڇر ڏينهن اڊيالا جيل ۾ 190 ملين پائونڊ ريفرنس جي ٻڌڻي جي موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي پي ٽي آءِ باني چيو ته اسان جي پارٽي تي پهريان ئي پابندي هئي، اليڪشن ۾ حصو وٺڻ کان روڪيو ويو، ڪنهن به سياسي پارٽي تي پابندي جهموريت جو قتل آهي. عمران خان حڪومت کي ڇتي تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو ته پارٽي جو چيئرمين، وائس چيئرمين ۽ صدر جيل ۾ آهن هو ( حڪومت ) پوءِ به چون ٿا ته پارٽي تي پابندي لڳائينداسين. پنجاب جي وزيراعليٰ تي تنقيد ڪندي پي iwc replica ٽي آءِ باني چيو ته هوءَ چوي ٿي ته ججز ٺيڪ ناهن، جج تڏهن ٺيڪ هئا جڏهن سندس ڪيس ختم ڪيا ويا؟ عمران خان بنون واقعي جي مذمت ڪندي الزام لڳايو ته سڀني کي خبر آهي ته بنون واقعي دوران فوج هٿين خالي شهرين تي فائرنگ ڪئي. عمران خان موجب، دهشتگردي خلاف جنگ تيستائين نه ٿي کٽي سگهجي جيستائين قوم گڏ نه هجي، موجودا حڪمران پنهنجا خرچ گهٽائڻ لاءِ تيار ناهن ۽ عوام کان قرباني گهري رهيا آهن. هن سوال اُٿاريندي چيو ته آصف زرداري ڪهڙي حيثيت سان صدر هائوس جي بجيٽ وڌائي 88 ڪروڙ ڪري ڇڏي؟ هڪ سوال جي جواب ۾ عمران خان چيو UK automatic cheap replica watches for men here are at affordable prices. All the collections are available. ته پيپلزپارٽي ۽ نون ليگ ۾ ڪو فرق ناهي، اِهي هڪ ئي آهن، ٻئي فارم 47 جي پيدوار آهن، بي اعتمادي رٿ سميت ڪنهن به مسئلي تي پيپلز پارٽي سان ڪا به ڳالهه ٻولهه نه ٿيندي. هن چيو ته بي اعتمادي رٿ لاءِ پيپلز پارٽي سان تڏهن رابطو ڪندس جڏهن مون کي اقتدار گهربل هجي، مان سڄي عمر جيل ۾ رهڻ لاءِ تيار آهيان پر پنهنجي موقف تان پوئتي هٽڻ بابت ڳالهيون بي بنياد آهن. سندس چوڻ هو ته سپريم ڪورٽ جي فيصلي باوجود جيڪڏهن اليڪشن ڪميشن وٽان پي ٽي آءِ کي سيٽون نه مليون ته اليڪشن ڪميشن تي آرٽيڪل ڇهه لڳائڻ گهرجي. ان کانسواءِ عمران خان هڪ ڀيرو وري نوَ مئي واقعن جي جاچ لاءِ جڊيشل ڪميشن جوڙڻ جو مطالبوڪيو. UK automatic Hublot Replica Watches uk for men here are at affordable prices. All the collections are available.

About Mazahimat

Check Also

شيخ رشيد بجيٽ 2024-25 کي غريب دشمن بجيٽ قرار ڏئي ڇڏيو

شيخ رشيد بجيٽ 2024-25 کي غريب دشمن بجيٽ قرار ڏئي ڇڏيو

سلام آباد: (خميس: 13 جون 2024ع) اڳوڻي گهرو وزير ۽ عوامي مسلم ليگ جي سربراهه …