جماعت اسلامي ڪراچي ۾ پنهنجو ميئر آڻڻ لاءِ تحريڪ انصاف کان حمايت گهري ورتي


جماعت اسلامي ڪراچي ۾ پنهنجو ميئر آڻڻ لاءِ تحريڪ انصاف کان حمايت گهري ورتي


ڪراچي: جماعت اسلامي ڪراچي ۾ پنهنجو ميئر آڻڻ لاءِ تحريڪ انصاف کان حمايت گهري ورتي، حافظ نعيم جي سربراهيءَ ۾ جماعت اسلامي وفد جي انصاف هائوس ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻن سان ملاقات ڪئي

ملاقات دوران ٻنهي جماعتن پاران مينڊيٽ جي تحفظ لاءِ 4 رڪني ڪميٽي جوڙڻ تي اتفاق ڪيو ويو، ٻنهي جماعتن جي گڏيل ڪميٽي نتيجن ۾ ڦيرڦار ۽ ووٽن جي چوري وارن معاملن جو جائزو وٺندي

 ملاقات بعد گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي حافظ نعيم چيو ته پيپلزپارٽي ميئر آڻڻ جي پوزيشن ۾ نه آهي، تحريڪ انصاف جماعت اسلامي جو ميئر آڻڻ لاءِ اسان جي مدد ڪري

 پي ٽي آءِ اڳواڻ علي زيدي چيو ته 40 يوسيز ۾ پي ٽي آءِ جو مينڊيٽ چوري ڪيو ويو آهي، گڏيل ڪميٽي ذريعي چوري ٿيل ووٽن جي جاچ ڪرائينداسين، مينڊيٽ جي چوريءَ جي جاچ ڪرائڻ بعد ميئر ۽ ڊپٽي ميئر جي مقرري بابت ڳالهيون ڪنداسين

About Mazahimat

Check Also

سن اليأس عند الرجال.. هل من طريقة لعلاجه؟

سن اليأس عند الرجال.. هل من طريقة لعلاجه؟

ونظرا لأن “آيفون إس إي” الجديد فيه ذاكرة وصول عشوائي سعتها 4 غيغابايتات، فمن المرجح …