پريالوءِ پوليس جي مبينا تشدد ۾ شاگرد ٻڌڻ جي سگهه وڃائي ويٺو، احتجاج بعد ايس ايس پي خيرپور ٻن اهلڪارن کي معطل ۽ ڪوارٽر گهاٽ ڪري ڇڏيو

پريالوءِ پوليس جي مبينا تشدد ۾ شاگرد ٻڌڻ جي سگهه وڃائي ويٺو، احتجاج بعد ايس ايس پي خيرپور ٻن اهلڪارن کي معطل ۽ ڪوارٽر گهاٽ ڪري ڇڏيو، ڊي ايس پي ڪنگري کي واقعي جي جاچ جو حڪم، متاثر شاگرد موجب پريالوءِ پوليس رڪشا واري سان منهن ماري بعد مونکي ٿاڻي تي لاڪ اپ ڪري سخت تشدد جو نشانو بڻايو، ايس ايڇ او به ڪپڙن کان آجو ڪري ڪُٽيندو رهيو، جنهن سبب بيهوش ٿي ويو هئس. هوش آيو ته ٻڌڻ جي سگهه نه رهئي هئي. جنهن بابت ڊاڪٽرن به پنهنجي ميڊيڪل رپورٽ ڏئي ڇڏي آهي جنهن ۾ چيو ويو آهي ته نوجوان جي ڪن کي شديد نقصان پهتو آهي. تشدد جي واقعي کانپوءِ نوجوان جي وارثن سخت احتجاج ڪيو، ايس ايس پي خيرپور ۽ ڊي ايس پي ڪنگري سان ملاقات ڪري واقعي بابت تفصيل ٻڌايو ۽ انصاف جي اپيل ڪئي. ايس ايس پي خيرپور عمر سلامت تشدد واقعي جو نوٽيس وٺندي پريالوءِ ٿاڻي جي وڏي منشي جمال الدين ۽ موبائيل ڊرائيور مجاهد شاهه کي سسپينڊ ۽ ڪوارٽر گهاٽ ڪري ڇڏيو. جڏهن ته ايس ايڇ او پريالوءِ صادق ڪلهوڙو، اهلڪارن لياقت بوزدار، راحيل گهانگهرو، ذوالفقار مهر ۽ ٻين خلاف ڪارروائي لاءِ ڊي ايس پي ڪنگري کي جاچ آفيسر مقرر ڪيو ويو آهي، جنهن جي جاچ رپورٽ اچڻ بعد تشدد ۾ ملوث اهلڪارن خلاف سخت قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي. متاثر شاگرد مطالبو ڪيو ته مٿس بدترين تشدد ۾ ملوث اهلڪارن ۽ ايس ايڇ او خلاف سخت قدم کنيو وڃي.

وڌيڪ پڙھو

سموري سنڌ ۾ 4 ڏينھن جي لاءِ سي اين جي اسٽيشن بند رکڻ جو اعلان

سموري سنڌ ۾ 4 ڏينھن جي لاءِ سي اين جي اسٽيشن بند رکڻ جو اعلان

ڪراچي:(ڇنڇر 14 مئي 2022ع) سوئي سدرن گئس ڪمپني گرمي جي موسم ۾ به سي اين …