زندگي جي پھرين احتجاجي مظاھري ۾ شرڪت-ھوت خان گاڏھي

ساهتي پرڳڻو جنهن تي ڪا جوڳي تحقيق منهنجي نظر مان ناهي گذري چون ٿا قاضي احمد کان شروع ٿي گمبٽ تائين اها سڄي پٽي ساهتي پرڳڻو ۾ اچي ٿي جڏھن سنڌو جل وهندو هو ته هيءَ علائقو وڻج واپار جو مرڪز هو ۽ ماڻهن جي اچ وڃ ۽ سامان جي کڻڻ آڻڻ لاءِ ست کن هن علائقي ۾ سنڌو مٿان پتڻ هوندا هئا جن پتڻن جا نشان اڃان به موجود آهن.
هالاڻي شهر به ساهٽي پرڳڻي جي وڏي تاريخي حيثيت وارو شهر آهي. ڪلهوڙن ۽ ميرن وچ ۾ سنڌ مٿان حڪمراني حاصل ڪرڻ لاءِ آخري ۽ فيصلا ڪن معرڪو به هالاڻي ۾ ٿيو هو جتي ڪلهوڙن کي شڪست ٿي ۽ مير صاحبان فتحياب ٿي سنڌ مٿان حڪمران ٿيا بغير تحقيق وارا تاريخ نويس چون ٿا ته ڪلهوڙا ۽ مير ٻئي سنڌ جا اصل رهاڪو نه هيا ڪلهوڙا ميانوال تحريڪ دوران پيري مريدي ذريعي ۽ مير صاحبان سندن جان ۽ حڪومت جي حفاظت لاءِ سنڌ ۾ پهتا اڳتي هلي سنڌ جي خمير ۾ ضم ٿي سنڌي قوم جو حصو بڻجي ويا سنڌ جي جاگيردار طبقي کي ڪڏهن به سنڌ جي تاريخ. ٻوليءَ. ڪلچر. تهذيب تمدن. سياسي. سماجي اقتصادي مفادن سان ڪڏهن به سروڪار ناهي رهيو ان لاءِ صرف پنهنجا طبقاتي اقتداري مفاد عزيز رهيا آهن يا انهن مفادن کي تقويت ڏيندڙ سندس خانداني. خانگاهي. ۽ پيري مريدي وارو شجرو يا سند. مونکي سال ياد نٿو اچي پر اهو ياد آهي ته مونکي اڃان مڇن جي ساول مس آئي هئي ۽ منهنجو ڳوٺائي ننڊو ڀاءُ مرتظا سيال اڃان ٻاراڻي عمر ۾ هو پر ادبي لکڻين جي شروعات ڪئي ھئي سندس اکر غزب جا هيا. اچانڪ هڪ ڏينهن خبر پئي ته ريلوي جا ۽ پوسٽ آفيس جا ڪي شاهينگ آيا جيڪي ٻئي مرڪزي ادارا هيا. هالاڻي جي ريلوي اسٽيشن تي نالي واري بورڊ تي رنگ ڪري هالاڻي نالو ختم ڪري ان بورڊ تي سنڌي اردو ٻوليءَ ۾ عاقل شاھ لکي ويا آهن ۽ ساڳي ڪارروائي پوسٽ آفيس تي به ڪئي وئي آهي. رات جو شهر ۾ چوٻول شروع ٿي ويو ٻڌائيندو هلان ته اسان جي شهر هالاڻي جي موجوده ايم اين اي سيد ابرار علي شاھ ۽ اڳوڻي صوبائي وزير سائين سيد منظور علي شاھ جي والد سائين سوڀارو شاھ جو اصل ۽ رڪارڊ وارو نالو سيد عاقل شاھ هو جيڪا گهٽ ماڻهن کي خبر آهي ۽ سيد منظور شاھ جو اصل نالو سيد غلام حسين شاھ هيو. اسين ٽي دوست مان مرتظا سيال نذير چنو بخت پيرزادو جي سونارڪي دڪان تي ويٺا هئاسين ته اسان جي شهر جو معذز بزرگ سائين شاھ محمد پيرزادو اسان کي پنهنجي اوطاق تي وٺي هليو ۽ هالاڻي جي نالي تبديل ٿيڻ جو ٻڌايو ۽ سندس تاريخي حيثيت سنڌ جي تاريخي ماڳن ۽ ورثن کي سنڀالڻ تي ڪلاڪ کن جو جذباتي ليڪچر ڪيو جيڪو معني مفھوم جي لحاظ کان ان وقت منهنجي ته مٿي تان گذري ويو پر ماحول کي گهڻو جذباتي ڪري ويو. خبر ناهي رنگ وغيره ڪنهن ڏنو پر صبح جو ڏٺوسين ته ٻالڪ مرتظا سيال جي اکرن سان هالاڻي جي مک جاين تي اهڙي عمل خلاف چاڪنگ ٿيل هئي. صبح جو خليفو مريد ميمڻ طرفان ڌمالي فقير کان پڙهو ڏياريو ويو ته هالاڻي شهر جي تاريخ سان هٿ چراند ڪئي وئي آهي ان خلاف صبحاڻي احتجاج ڪيو ويندو. صبح جو يارهين وڳي ڌاري ڌمالي امام بارگاهه کان شاھ محمد پيرزادو. عبدالرئوف پيرزادو. خليفو محمد مريد. بخت پيرزادو. قاضي آصف جي قيادت ۾ جلوس نڪتو جيڪو شهر جو گشت ڪندو پڌر وٽ پهتو ان وقت پڌر وارو چوڪ ڪو ٻه ايڪڙ کن جو هوندو هو جتي چار رستا اچي ملندا هئا هڪ طرف چاچو نورو پنجابيءَ جو ۽ ٻئي پاسي چوڌري بشير جو دڪان هوندو هو اتي جلوس ۾ اسان جي شهر جو مشهور ڪردار مونکي نالو ياد نٿو اچي پر ڪرو پنجابي جي نالي سان مشهور هو اچي ويو ان هالاڻي جي شاھ صاحبان جي خلاف ۽ شاھ محمد پيرزادي هالاڻي جي تاريخي حيثيت مٽائڻ واري عمل تي زوردار تقريرون ڪيون ۽ هالاڻي جي ماحول ۾ڪافي ڏينهن تائين گرمي ۽ تاء رهيو باوجود بورڊن تي هالاڻي جو نالو تبديل ٿيڻ جي هالاڻي اڄ به هالاڻي آهي ۽ جيڪي تاريخي ماڳ ورثا هزارين سالن جي سفر ۾ جنم وٺن ٿا ميسارڻ ڪو سولو ناهي هوندو . منهنجي زندگي جو جيستائين مونکي ياد ٿو اچي اهو پهريون مظاهرو هو

وڌيڪ پڙھو

ڊهندڙ ۽ نيون ٺهندڙ لڪيرون-هوت خان گاڏھي

عرصو اڳ مون ڪرشن چنڊر جي هڪ ڪهاڻي پڙهي هئي جنهن جو تت ته ياد …