پھرين جولاءِ 2020 تي شام پنج بجي ڌاري اچانڪ ٽوئيٽر تي ڊيم جي حمايت ۾ ” ڀاشا ڊيم نيڊ آف ٽائيم “ جي ھيشٽيگ سان ٽوٽيٽر تي ظاھر ٿيو جنھن کي ڏسندي سنڌ جو نوجوانن جوابي ھيشٽيگ ” نو مور ڊيم آن انڊس ريور “ جي ھيشٽيگ سان شروع ڪري ڏنو، بنا تياري ۽ رٿابندي جي اچانڪ ٽرينڊ شروع ٿيڻ بعد ڏسندي ڏسندي سڄي ھيشٽيگ ۾ ھزارين ماڻھو شامل ٿي ويا ٽن ڪلاڪن اندر ” نو مور ڊيم آن انڊس ريور“ اڳتي نڪري ويو آخر وقت تائين ڀاشا ڊيم جي حمايت ۾ شروع ڪيل ھيشٽيگ ” ڀاشا ڊيم نيڊ آف ٽائيم “ 23 ھزارن تي بيھي رھيو جڏھن تہ ڊيم جي مخالفت ۾ شروع ڪيل ٽرينڊ ” نو مور ڊيم آن انڊس ريور“ 90 ھزار تي پھتو .جنھن کانپوءِ نوجوانن ۾ خوشي ڇائنجي وئي انھن انھي کي سوشل ميڊيا استعمال ڪندڙ شعور جي ڪاميابي قرار ڏني . بنا ڪنھن پارٽي سياسي فرق جي سنڌ پنھنجو ھڪ ڀيرو ٻيھر شاندار احتجاج رڪاڊ ڪرايو.
پاڪ پاليٽڪس ويب سائيب سائيٽ پاران جاري ڪيل انگ اکرن موجب ” نو مور ڊيم آن انڊس ريور“ جي ھيشٽيگ ھيٺ جن حصو ورتو انھن ۾ ٽاپ ٽين ۾ گلزار شر، سرتاج ترڪ، خداڏنوشاھ، امتياز سمون، مصري مسڪين، ايڊوڪيٽ رميش ڪمار، ماروي سنڌو ، علي وقار ميمڻ، مختيار ٽڳڙ، ڪائينات ھاليپوٽو شامل ھئا
پاڪ پاليٽڪس پاران جاري ڪيل 100 ڄڻن ٽاپ ٽيوپرس جي لسٽ ڏسڻ لاءِ ھتي ڪلڪ ڪريو