ايس ٽي پي پاران سنڌ جي اهم مسئلن تي 28 جولاءِ تي احتجاج جو اعلان

حيدرآباد ( پريس رليز)سنڌ ترقي پسند پارٽي جي سينٽرل ڪميٽي جو اجلاس ايس ٽي پي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي جي صدارت ۾ ٿي گذريو اجلاس کي خطاب ڪندي سنڌ ترقي پسند پارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي چيو ته سنڌ جهڙي شاهوڪار ڌرتي جا رهواسي حڪمرانن جي لٽ مار ڪرپشن ۽ قبضاگيري سبب معاشي طور ڪنگال بڻجي چڪا آهن انتهائي مفلسي واري زندگي گذاري رهيا آهن. حڪمرانن کي عوام جو ڪو فڪر ناهي ٽيڪسن مٿان ٽيڪس لڳائي غريب مسڪين ماڻهو کان هڪ ويلو ماني جو به کسي ورتو آهي. سنڌ جي اندر وڌندڙ بدامني، ڪرپشن ۽ وسيلن قبضن جي ذميوار پ پ پ حڪومت آهي جيڪا هميشه پنهنجي اقتدار جي قيمت سنڌ جي زمينن ۽ وسيلن کي وڪرو ڪرڻ جي روپ ۾ ادا ڪندي آهي. پ پ پ کي عوام نه پر ڪرسي پياري آهي انڪري اها ڪرسي لاءِ سڀ ڪجهه ڪرڻ جي لاءِ تيار هوندي آهي. سنڌ جي مٿان مصيبت بڻيل جاگيردار ۽ سردار جيڪي انگريزن جي دور کان وٺي سنڌ جي قومي اجتماعي مفادن جي خلاف بيهي پنهنجا ذاتي مفاد ماڻيندا آيا آهن اڄ اهي سمورا پ پ پ جي ڇٽي جي هيٺيان گڏ ٿي سنڌ خلاف فيصلا ڪري رهيا آهن. ايس ٽي پي سربراه ڊاڪٽر قادر مگسي وڌيڪ چيو ته سنڌ ۾ هٿ وٺي جرڳا ڪرايا پيا وڃن ته جيئڻ سرداري نظام کي اڃان وڌيڪ مظبوط ڪيو وڃي. جرڳا ملڪ جي عدالتن جي ڏنل فيصلن موجب مڪمل غيرقانوني آهن انهن جو سپريم ڪورٽ کي نوٽيس وٺڻ گهرجي. سنڌ ترقي پسند پارٽي جي سربراه وڌيڪ چيو ته ايس ٽي پي هميشه جاگيرداري ۽ سرداري نظام خلاف جدوجهد ڪئي آهي. ماضي ۾ به ايس ٽي پي جاگيردارن کي للڪاريندي انهن جا نجي جيل ٽوڙي هزارين باندي بڻيل هاري آزاد ڪرايا هئا. هاڻي به ايس ٽي پي هن سمورين براين خلاف ڀرپور سياسي جدوجھد ڪندي. هن چيو ته هڪ سازش تحت ڊجيٽل آدمشماري ڪرائي وئي جنھن جي شروع ٿيڻ وقت سنڌ سخت اعتراض ڪيو هو ته هي آدمشماري جي نالي ۾ فراڊ ڪيو پيو وڃي. هاڻي جيڪي شماريات کاتي انگ اکر ظاهر ڪيا آهن اهي مڪمل ڪوڙا آهن جن کي اسان رد ڪريون ٿا. سنڌ ۾ سنڌي ڳالهائڻ وارن جو انگ گهٽ ڏيکاريو ويو آهي ساڳي طرح ڪراچي شهر ۾ 45 کان 50 لک سنڌي ڳالهائيندڙ موجود آهن جن کي گهٽ ڪري 22 لک 60 ھزار ڏيکاريو ويو آهي. افغاني پناھگيرن جو وڏو انگ موجود آھي جنھن کي گھٽ ڪري ڏيکاريو ويو آھي سموريون اٽڪلون سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ ڪيون پيون وڃن، ايندڙ وقت ۾ ٻهراڙين جون سيٽون گهٽائي ڪنهن غير سنڌي کي وڏ وزارت جي منصب تي ويهارڻ جي جادوگري ڪئي ويندي، اجلاس ۾ مطالبو ڪيو ويو ته ٽن سالن کان قيد ٿيل معصوم نياڻي پريا ڪماري کي آزاد ڪرائي وارثن جي حوالي ڪيو وڃي. اجلاس م کارسر جبل جي نالي ۾ ڪارونجهر کي ڪٽڻ، سنڌ جي زمينن تي مختلف پروجيڪٽ ۽ پروگرامن جي نالي ۾ والار کي غيرقانوني قرار ڏيندي ان کي روڪڻ جي گهر ڪئي وئي.اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته 28 جولاءِ تي سڄي سنڌ جي ضلعي هيڊڪوارٽرن ۾ سنڌ جي زمينن تي مختلف پروگرامن ۽ پروجيڪٽ جي نالي ۾ والار، کارسر جي نالي ۾ ڪارونجهرڪٽائي، ڪينجهر، گورک ۽ ٻين تي تاريخي ماڳن تي قبضي، ڊجيٽل آدمشماري جي نالي ۾ ڪوڙن انگ اکرن، سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ ۽سنڌو تي غير قانوني ڪئنال اڏڻ، پريما ڪماري کي بازياب نه ڪرائڻ خلاف احتجاجي مظاهرا ڪيا ويندا.27 آڪٽوبر تي ڪراچي ۾ يوم شهداءُ جو جلسو ڪيو ويندو جنهن جي صدارت ايس ٽي پي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي ڪندو.اجلاس ۾ سنڌ ترقي پسند پارٽي جي سينئر وائيس چيئرمين ڄام عبدالفتاح سميجو ،حيدر شاھاڻي ،حيدر ملاح ،ڊاڪٽر سومار مڱريو ،عاشق سولنگي ،قادر چنا ، نثار ڪيريو ،ڊاڪٽر عبدالحميد ميمڻ ،هوت خان گاڏهي ،ڊاڪٽر احمد نوناري ،ڄام شوڪت ابڙو ،گوتم چنا ، خير محمد مگسي ، ڊاڪٽر مظھر ميمڻ،اعجاز سنڌي ۽ ٻين شرڪت ڪئي.

About Mazahimat

Check Also

پ پ جو گورنر جي مقرري بابت معاهدو منظر تي آڻڻ جو مطالبو

پ پ جو گورنر جي مقرري بابت معاهدو منظر تي آڻڻ جو مطالبو

ڪراچي: (اڱارو: 02 جولاءِ 2024ع) پ پ سنڌ جي صدر نثار کهڙي گورنر ڪامران ٽيسوري …