9 مئي هنگامن ۾ ايجنسين جا اهلڪار ملوث آهن: عمران خان

9 مئي هنگامن ۾ ايجنسين جا اهلڪار ملوث آهن: عمران خان

لاهور(مينيٽرنگ ڊيسڪ) پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان چيو آهي ته اسان وٽ شاهديون آهن ته هنگامن ۽ ڪجهه جاين تي فائرنگ ۾ ايجنسين جا اهلڪار ملوث هئا، پي ٽي آءِ سربراهه ٽوئيٽر تي جاري ڪيل پنهنجي وڊيو بيان ۾ چيو آهي ته ٻنهي پاسن جي ڳالهه ٻڌڻ بنا هڪ جج ڪڏهن به فيصلو ناهي ڪندو، اهڙن واقعن جي آزاد جاچ ٿيڻ گهرجي، هنگاما اِن ڪرايا ويا ته جيئن پي ٽي آءِ مٿان الزام مڙهي ڪريڪ ڊائون جو جواز پيدا ڪيو وڃي، هن چيو ته هڪ منظم سازش تحت حڪومتي جايون ۽ ڪور ڪمانڊر جو گهر ساڙيو ويو، اسان وٽ وڊيوز آهن ته ڪيئن ماڻهن کي ڀڙڪايو ويو، اِن عمل ۾ ڪهڙا ماڻهو شامل هئا؟ عمران خان وڌيڪ چيو ته ياسمين راشد ۽ منهنجي ڀيڻ واضح طور مظاهرين کي جناح هائوس تي نقصان نه پهچائڻ جي هدايت ڪري رهيون هيون، تخريبڪارن کي بندوقون ڏئي مظاهرين جي وچ ۾ آندو ويو.

ھي بہ پڙھو

پنجاب حڪومت پاران فوجي ٺڪاڻن تي حملا ڪندڙن خلاف آرمي ايڪٽ تحت ڪارروائي واري فيصلي جي منظوري

پنجاب حڪومت پاران فوجي ٺڪاڻن تي حملا ڪندڙن خلاف آرمي ايڪٽ تحت ڪارروائي واري فيصلي جي منظوري

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پنجاب حڪومت فوجي ٺڪاڻن تي حملا ڪندڙن خلاف آرمي ايڪٽ تحت ڪارروائي …