عمران خان ڪارڪنن کي اڄ رات جو حڪومت خلاف احتجاج جي هدايت ڪري ڇڏي

 عمران خان ڪارڪنن کي اڄ رات جو حڪومت خلاف احتجاج جي هدايت ڪري ڇڏي

 تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان ڪارڪنن کي اڄ رات جو حڪومت خلاف احتجاج جي هدايت ڪري ڇڏي آهي. ٽوئيٽر تي جاري بيان ۾ عمران خان چيو ته اسان جي حڪومت ڪڏهن به هنن ماڻهن کي جلسن، ڌرڻن ۽ ريلين کان ناهي روڪيو ڇو ته اسان جمهوريت تي يقين رکون ٿا. هن چيو ته مان اڄ سيالڪوٽ ۾ هوندس.
مان پنهنجن سمورن ماڻهن کي چوان ٿو ته عشاءَ جي نماز کان پوءِ پنهنجن شهرن ۽ علائقن ۾ هن فاشسٽ امپورٽڊ حڪومت خلاف احتجاج ڪري. تحريڪ انصاف جي چيئرمين چيو ته جڏهن هي مانهو اقتدار ۾ هئا ته انهن سپريم ڪورٽ تي حملو، ماڊل ٽائون ۾ قتل ڪيا ۽ ججن کي رشوت ڏني. نوازشريف پاڻ کي اميرالمومنين قرار ڏيڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. هن اپوزيشن ۾ رهندي جمهوريت کي استعمال ۽ پامال ڪيو جڏهن ته حڪومت ۾ رهندي سمورن جمهوري اصولن کي تباهه ڪيو ويو پر هاڻ عوام هنن جي خلاف ٻاهر نڪتي آهي.
عمران خان وڌيڪ چيو ته ان ڳالهه ۾ ڪوبه شڪ ناهي ته مان اڄ سيالڪوٽ ويندس. امپورٽڊ حڪومت اسان جي قيادت ۽ ڪارڪنن سان جيڪو ڪجهه ڪيو اهو اميدن جي خلاف هو. هن چيو ته ضمانت تي موجود هن ڏوهاري ٽولي ۽ ان جي لنڊن ۾ ويٺل سزا يافته مافيا سربراهه هميشه پنهنجن مخالفن خلاف فاشسٽ حڪمت عملي اپنائي.

وڌيڪ پڙھو

پاڪستان تحريڪ انصاف جي سينيئر اڳواڻ شهباز گل کي اسلام آباد مان گرفتار

پاڪستان تحريڪ انصاف جي سينيئر اڳواڻ شهباز گل کي اسلام آباد مان گرفتار

پاڪستان تحريڪ انصاف جي سينيئر اڳواڻ شهباز گل کي اسلام آباد مان گرفتار ڪيو ويو …

Leave a Reply

Your email address will not be published.