
حيدرآباد: (جمعو 25 فيبروري 2022ع) اڳوڻو ايم اين اي ۽ سينيٽر رهندڙ بلوچ قومپرست اڳواڻ ڊاڪٽر حئي بلوچ روڊ حادثي ۾ لاڏاڻو ڪري ويو آهي.
ڊاڪٽر حئي بلوچ گذريل رات حيدرآباد ۾ يوم مادر وطن جي جلسي ۾ شرڪت بعد واپس وڃي رهيو هو ته بهاوالپور وٽ روڊ حادثي سبب هو هميشه لاءِ وڇڙي ويو.
بلوچ نيشنل پارٽي جو صدر رهندڙ ڊاڪٽر حئي بلوچ 2018 ۾ نيشنل ڊيمو ڪريٽڪ پارٽي قائم ڪئي. سندس ڄمار 76 ورهيه هئي.
بلوچ اڳواڻ ڊاڪٽر حئي بلوچ جي تدفين سندس اباڻي ڳوٺ ڀاڳ ناڙي ويجھو ڪئي جنھن ۾ مختلف سياسي جماعتن جي اڳواڻن کان سواءِ سنڌ ترقي پسند پارٽي جي مرڪزي اڳواڻن ڄام عبدالفتاح سميجو،گلزار سومرو، سرواڻ قادرمگسي،محمد علي ابڙو ۽ ٻين ڪئي