آمريڪا ۾ چور گھر کي صاف سٿرو ڪري ھليو ويو

ميساچوٽس آمريڪي رياست ميساچوٽس ۾ چور انوکي واردات ڪري سڀني کي حيران ڪري سڀني کي حيران ڪري ڇڏيو. مارلبورو واري علائقي ۾ رهندڙ شخص نيٽ رومن جي گهر چور پاسي واري دروازي مان داخل ٿيو، جيڪو غلطي سان کليل رهجي ويو هو. نيٽ فيس بڪ تي ان انوکي واقعي جو ذڪر ڪيو ۽ ٻڌايو ته هي واقعو 15 مئي جو آهي، جڏهن هو پنهنجي ڪم ڪار سان ويو هو. ممڪن آهي ته کانس گهر جو دروازو بند ڪرڻ وسري ويو هجي، ڇاڪاڻ ته ڪو تالو ٽٽل نه هو. نيٽ موجب سڀ کان انوکي ۽ عجيب ڳالهه اها هئي ته گهر مان ڪا به شيءِ گم نه هئي، منهنجي خيال ۾ چور جو گهر ۾ داخل ٿيڻ جو مقصد ئي صفائي سٿرائي ڪرڻ هو. نيٽ جو وڌيڪ چوڻ هو ته چور گهر ۾ داخل ٿي، منهنجي گهر جا غسل خانه ۽ ڪمرا صاف ڪيا ۽ هنڌ ترتيب ڏنا ۽ قالين تي ويڪيوم ڪلينر هڻي صاف ڪيو. نيٽ ان واقعي تي ڪجهه اهڙي قسم جو اظهار ڪيو ته ٿي سگهي ٿو هائوس ڪيپنگ سروس غلطي سان منهنجي گهر ۾ صفائي ڪرائي ڇڏي هجي، جيڪو بوسٽن کان 24 ميل اولهه طرف واقع آهي. نيٽ پاران واقعي جي ايف آءِ آر مارلبورو پوليس اسٽيشن تي داخل ڪرائي وئي آهي. فيس بڪ تي لکيل هن پوسٽ تي ماڻهن پاران نهايت ئي دلچسپ تبصرا ڪيا پيا وڃن.

وڌيڪ پڙھو

غزه تي اسرائيل جي بمباري جاري، شھيد فلسطينين جو انگ 32 ٿي ويو

غزه تي اسرائيل جي بمباري جاري، شھيد فلسطينين جو انگ 32 ٿي ويو

ڪراچي: اسرائيل جا غزه تي ٻئي ڏينهن به فضائي حملا جاري، 6 ٻارڙن سميت شهيد …