33 سيٽن تي ننڍي چونڊ ۾ عمران خان واحد اميدوار هوندو: تحريڪ انصاف

 پاڪستان تحريڪ انصاف اعلان ڪيو آهي ته قومي اسيمبلي جي 33 سيٽن تي ٿيندڙ ضمني چونڊن ۾ پارٽي چيئرمين عمران خان واحد اميدوار هوندو.
پي ٽي آءِ جي ڪور ڪميٽي جي اجلاس کانپوءِ شاهه محمود قريشي جو چوڻ هو ته عمران خان جي صدارت هيٺ پارٽي جو اجلاس ٿيو، ڪور ڪميٽي ۽ پارلياماني ڪميٽي جي صدارت هيٺ اجلاس ٿيو، جنهن ۾ پاڪستان جي سياسي ۽ معاشي صورتحال جو جائزو ورتو ويو، جنهن ۾ عمران خان اميدوار هوندو ۽ ڊي نوٽيفائيڊ ايم ايل ايز ڪورنگ اميدوار طور پنهنجا ڪاغذ جمع ڪرائيندا.
هن چيو ته تحريڪ انصاف سياسي ميدان ۾ رهندي، قوم اسان سان گڏ آهي، عوام 17 جولاءِ جي چونڊن ۾ به اسان جي حق ۾ فيصلو ڏنو.

ھي بہ پڙھو

گهوٽڪي: شهيد صحافي نصرالله گڏاڻي قتل ڪيس جو هڪ جوابدار گرفتار

گهوٽڪي: شهيد صحافي نصرالله گڏاڻي قتل ڪيس جو هڪ جوابدار گرفتار

گهوٽڪي: (خميس: 06 جون 2024ع) پوليس مقتول صحافي نصرالله گڏاڻي  قل ڪيس جي هڪ جوابدار …