ٽڪ ٽاڪ جي نئين لوڪيشن فيڊز ۾ واڌ

واشنگٽن: (اڱارو: 25 جون 2024ع) ٽڪ ٽاڪ خاموشي سان ايپ جي هوم پيج کي ري ڊيزائن ڪري ڇڏيو آهي.

هڪ رپورٽ موجب ٽڪ ٽاڪ طرفان هوم پيج تي فالوونگ ۽ فاريو سان گڏوگڏ لوڪيشن کي اپڊيٽ ڪيو پيو وڃي.

هونئن ته ٽڪ ٽاڪ ۾ گهڻي وقت کان شهرن جي نالي سان گڏ به فيڊر به دستياب آهي، پر هاڻي ان شهرن جي فيڊ ۾ فوڊ اينڊ ڊرنڪ، هوٽلز ۽ شاپنگ جهڙن فيڊز جي واڌ ڪئي وئي آهي.

رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته اهو نئون فيچر هاڻي آمريڪا ۾ متعارف ڪرايو ويو آهي ۽ مخصوص شهرن ۾ واهپيدارن کي دستياب آهي.

بوسٽن، نيويار ۽ ٽيڪساس جهڙن لوڪيشنز جي فيڊز جي وڊيوز ۾ ذيلي فيڊز جو اضافو ڪيو ويو هو ته واهپيدارن لاءِ لاڳاپيل وڊيو کي ڳولڻ آسان ٿي ويندا.

هن جي ري ڊيزائن مان خبر پئجي سگهي ٿي ٽڪ ٽاڪ طرفان واهپيدارن کي پنهنجي پسند جي مواد کي ڳولڻ ۾ مدد فراهم ڪئي پئي وڃي.

ھي بہ پڙھو

پاڪستان جو جديد سيٽلائيٽ ايم ايم ون خلا ۾ روانو

پاڪستان جو جديد سيٽلائيٽ ايم ايم ون خلا ۾ روانو

لاهور: (خميس: 30 مئي2024ع) پاڪستان جو جديد ڪميونيڪيشن سيٽلائيٽ ايم ايم ون ڪاميابي سان خلا …