پ پ جو گورنر جي مقرري بابت معاهدو منظر تي آڻڻ جو مطالبو

ڪراچي: (اڱارو: 02 جولاءِ 2024ع) پ پ سنڌ جي صدر نثار کهڙي گورنر ڪامران ٽيسوري جي مقرري بابت معاهدو منظر تي آڻڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو.

نثار کهڙي پنهنجي بيان ۾ چيو ته ايم ڪيو ايم سنڌ جي ورهاست جي ايجنڊا تي ڪم ڪري رهي آهي، اها ايم ڪيو ايم لنڊن جو تسلسل آهي.

هن چيو ته ايم ڪيو ايم پاڪستان ”شهري سنڌ تي قبضو نامنظور“ جا پينا فليڪس لڳرايا، ان ماضي ۾ ڪوٽا سسٽم جي حمايت ڪئي.

سندس چوڻ هو ته ايم ڪيو ايم جو بنياد ئي نفرت ۽ ورهاست جي سياست تي ٻڌل آهي.

ھي بہ پڙھو

سنڌ ۾ پ پ جو گورنر ايندو: سعيد غني

سنڌ ۾ پ پ جو گورنر ايندو: سعيد غني

ڪراچي: (اڱارو: 02 جولاءِ 2024ع) صوبائي وزير سعيد غني چيو آهي ته سنڌ ۾ پ …