جسٽس بابر ستار خلاف مهم ۾ هلائيندڙ سوشل ميڊيا اڪائونٽس جي نشاندهي ٿي وئي

اسلام آباد: (اڱارو: 02 جولاءِ 2024ع) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جج جسٽس بابر ستار خلاف مهم ۾ شامل 39 مان 10 سوشل ميڊيا اڪائونٽس جي نشاندهي ٿي وئي آهي.

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ جسٽس بابر ستار جي خط تي جاري توهينِ عدالت ڪيس ۾ ڊائريڪٽر سائبر ڪرائم ونگ عدالت کي تفصيلن کان آگاهه ڪري ڇڏيو آهي.

ڊائريڪٽر سائبر ڪرائم ونگ عدالت کي ٻڌايو ته آزاد ڪشمير جي شهري خواجا محمد ياسين جي اڪائونٽ تان هيش ٽيگ شروع ٿيو، ان انڪوائري جوائن ناهي ڪئي.

عدالت چيو ته اِهو همراهه نيلم ويلي جو رهواسي آهي ان جو جسٽس بابر ستار تي ڪهڙو اعتراض ٿي سگهي ٿو اِهو حيران ڪندڙ آهي.

ايف آءِ اي موجب، ڪراچي جي شهري سيد فيضان رفيع به هڪ هيش ٽيگ شروع ڪيو، ان کي نوٽيس جاري ڪيو ان جواب ڏنو ته ٻاهرين ملڪ آهي.

عدالت کي ٻڌايو ويو ته ايف آءِ اي کي ايڪس جو جواب ملي ويو آهي جنهن ۾ آمريڪي سفارتخاني سان رابطو ڪرڻ جو چيو ويو آهي.

جسٽس محسن اختر ڪياني جي ڊائريڪٽر ايف آءِ اي کي آمريڪي سفارتخاني سان رابطو ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي.