Breaking News

ڄامشورو ۾ ايس ٽي پي جو اچو تہ سنڌ سنواريون جي سري ھيٺ سيمينار

سنڌ ترقي پسند پارٽي ضلع ڄامشورو پاران مقامي ھوٽل ۾ اچو تہ سنڌ سنواريون جي سري ھيٺ سمينار ڪوٺايو ويو. سيمنار جي صدارت سنڌ ترقي پسند پارٽي جي سيڪريٽري جنرل حيدر ملاح ڪئي، جڏھن تھ  سنڌ ترقي پسند پارٽي جي مرڪزي اڳواڻن ھوت خان گاڏھي، ڄام شوڪت ابڙُو ، گوتم چنا، محمد علي ابڙو ، منٺار ڇڇر ، ناليواري صحافي نعمت کھڙو، ايس يو پي جي اڳواڻ خدا بخش ٿيٻو ۽ ٻين شرڪت ڪئي. سيمينار کي خطاب ڪندي سنڌ ترقي پسند پارٽي جي سيڪريٽري جنرل حيدر ملاح چيو تھ ھن وقت سنڌ سڄي بدامني ، بک ، بدحالي، منشيات جي ور چڙھيل آھي، شاھوڪار ڌرتي جا ماڻھو ماني جي ھڪ ڳڀي جي لاءِ پريشان آھن. سنڌ جي مٿان ھنن سمورين مصيبتن جا ذميوار پ پ پ حڪمران آھن جڪي گذريل 16 سالن کان سنڌ مٿان مسلط ڪيل آھن . پ پ پ عوامي نھ پر جاگيردارن ۽ وڏيرن جي پارٽي آھي جيڪي غريب مسڪين پورھيت طبقي کي يرغمال بڻايو ويٺا آھن. اقتدار جي عيوض ھنن سدائين سنڌ جي مفادن جو سوڌو ڪيو آھي سنڌ جي سمورين عوام دوست قوتن کي متحد ٿي ھنن ظالمن سنڌ جان آجي ڪراڻي پوندي. ايس ٽي پي سنڌ جي ھڪ متحرڪ نمائيندھ  سياسي پارٽي آھي جيڪا پنھنجي وطن جي عزت آجپي ۽ خوشحالي جي لاءِ جدوجھد ڪري رھي آھي.  ھن وڌيڪ چيو تہ سنڌ جي ھن وقت جيڪو ڌاڙيل راڄ ۽ قبيلائي تڪرار آھن انھن کي حڪومت ۾ ويٺل وڏيرن سردارن ۽ ڀوتارن جي پٺ ڀرائي حاصل آھي. جيستائين سنڌ جا وڏيرا جاگيردار ۽ ڀوتار اقتدار ۾ ھوندا تيستائين سنڌ مٿان مصيبتن جا ھي جبل نھ ھٽندا ، سنڌ جي عوام کي ھاڻي سجاڳ ٿيڻو پوندو سنڌ جي خاطر سندرو ٻڌي سياسي جدوجھد کي تيز ڪرڻو پوندو ان صورت ۾ ئي اسان سنڌ جي امن کي موٽائي سگھون ٿا. اڳواڻن  جو چوڻ هو ته پوليس جي سرپرستي ۾ منشيات جو وڪرو جاري آهي پوليس جو ڪم آهي ته سماجي برايون خلاف ڪارروائي ڪري پر هتي سسٽم ابتڙ آهي پوليس جي اعليٰ آفيسرن جي گاڏيون ۾ منشيات منتقل ٿئي ٿي منشيات فروشن جي مرضي تي پوليس آفيسرن جي مقرري ٿي رهي آهي، وطن اسان جو آهي پر بدقسمتي سان چونڊيل نمائندا لاپرواهه آهن جنھن ڪري سنڌ جو عوام ڀوڳي رهيو آهي هنن جو چوڻ هو ته اسان جي ضلعي ڄامشوري ۾ وڏا صنعتي زون آهن، معدني ذخيرا آهن لاکڙا ڪول مان ڪوئلي نڪري ٿو پر انهن سمورن هنڌن تي مقامي رهواسين کي روزگار به نٿو ڏنو وڃي هنن جو چوڻ هو ته سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جھڙو ادارو غريبن جو وسيلو هو اڄ انهي اداري ۾ ڪرپشن آهي جتي وڏيرن جي چوڻ تي نوڪريون پيسن عيوض ملن ٿيون حيدرآباد ۽ ڄامشوري جي اسپتالون ڪوس گهر بڻيل آهنجڏهن ته اڳواڻن پاران سنڌ جي وسيلن کي بچائڻ لاءِ گڏيل جدوجهد تي اتفاق ڪيو ويو

About Mazahimat

Check Also

پ پ جو گورنر جي مقرري بابت معاهدو منظر تي آڻڻ جو مطالبو

پ پ جو گورنر جي مقرري بابت معاهدو منظر تي آڻڻ جو مطالبو

ڪراچي: (اڱارو: 02 جولاءِ 2024ع) پ پ سنڌ جي صدر نثار کهڙي گورنر ڪامران ٽيسوري …