ايس ٽي پي جي ٻٻرلوءِ ۾ اچو ته سنڌ سنواريون جي سري هيٺ عيد ملن پارٽي

ٻٻرلوءايس ٽي پي ٻٻرلوء ٽائون پاران اچو تہ سنڌ سنواريون جي سلسلي ۾ عيد جي ٽين ڏينھن تي ھڪ شاندار عيدملن پارٽي پروگرام منعقد ڪيو ويو جنھن جي صدارت پارٽي جي سينئر وائيس چيئرمين جناب ڄام عبدالفتاح سميجو جن ڪئي، جنھن ۾ سياسي، سماجي ۽ ڪاروباري شخصيتن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي ان موقعي تي زندگي مختلف شعبن ۾ ڪاميابي ماڻيندڙ توڙي خدمتون سرانجام ڏيندڙ شخصيتن کي مڃتا طور ايوارڊ پڻ ڏنا ويا. جيڪي ڄام عبدالفتاح سميجو، نجم ڀنگر، علينواز جلباڻي، ماھي خان منگي ۽ ٻين ڏنا ايوارڊ ماڻيندڙپروفيسر غلام قادر شر صاحب کي تعليم جي شعبي پرويز علي سومرو کي صحافت ۽ غلام رسول عرف ماما گلو شيخ کي پورھيت مرحوم استاد ڀليڏنو شاھ کي تعليم جي شعبي ۾ مڃتا طور لائيف ٽائيم اچيومينٽ ايوارڊ ڏنو ويو جيڪو سندس فرزند سيد قمر الزمان شاھ وصول ڪيومرحوم استاد رسول بخش مستوئي کي تعليم جي شعبي ۾ مڃتا طور لائيف ٽائيم اچيومينٽ ايوارڊ ڏنو ويو جيڪو سندس فرزند اياز حسين مستوئي وصول ڪيوديدار علي جتوئي صاحب کي ڪامياب صنعتڪار جو مڃتا طور ايوارڊ ڏنو ويومرحوم ايڊووڪيٽ منظور حسين انصاري کي ⚖ بھترين قانوندان جو مڃتا ايوارڊ ڏنو ويو جيڪو سندس فرزند ايڊووڪيٽ جهانگير انصاري ايوارڊ وصول ڪيو ڊاڪٽر علي نواز جنڊاڻ کي صحت جي شعبي ۾ مڃتا طور ايوارڊ پيش ڪيو ويومرحوم استاد حاجي غلام عباس ڌاريجو کي تعليم جي شعبي ۾ مڃتا طور ڏنو ايوارڊ ڏنو ويو جيڪو سندس فرزند طارق علي ڌاريجو وصول ڪيومرحوم محمد اسلم شيخ کي سياسي سماجي اڳواڻ مڃتا طور ايوارڊ سندس فرزند نظر عباس شيخ ايوارڊ وصول ڪيوعلي شير جتوئي کي قوم پرست سياست ۾ اھم ڪردار ادا ڪرڻ تي مڃتا طور ايوارڊ ڏنو ويواستاد امداد علي ڀيو کي تعليم ۽ قوم پرست اڳواڻ طور ايوارڊ پيش ڪيو ويو،ولي محمد مستوئي کي سياسي سماجي اڳواڻ طور ايوارڊ پيش ڪيو ويوڪمال احمد جتوئي ۽ محمد حسن جتوئي کي اسپورٽس مين اسپرٽ طور مڃتا ايوارڊ ڏنو ويو. پروگرام جي آخر ۾ فنڪارن سرن جي ورکا پڻ ڪئي.

ھي بہ پڙھو

سنڌ ۾ پ پ جو گورنر ايندو: سعيد غني

سنڌ ۾ پ پ جو گورنر ايندو: سعيد غني

ڪراچي: (اڱارو: 02 جولاءِ 2024ع) صوبائي وزير سعيد غني چيو آهي ته سنڌ ۾ پ …