سال علائقي واسين پاران گڏ ڪيل رقم 4 لک33 هزار ماڻڪ بهراڻي ڳوٺ ۾ حادثي متاثرين ۾ ورهائي وئي.

اونگر ( ن مزاحمت )
جھرڪ ، ٽنڊوحافظ ۽ اونگر واسين 4 لک کان مٿي رقم چنڊو ڪري ڪجھ ھفتا اڳ روڊ حادثي ۾ ماڻڪ بھراڻي ڳوٺ جي فوت ۽ زخمين ۾ تقسيم ڪئي.
ٺٽو حيدرآباد روڊ تي حميد فارم لڳ ڳوٺ ماڻڪ بھراڻي جي پورھيتن سان سوزڪي ۾ پيش آيل حادثو جنھن جي نتيجي ۾ 7 فوت ٿي ويا ھئا جڏھن 9 ڄڻا سخت زخمي ٿيا ھئا. فوتي ۽ زخمي انتھائي غريب پورھيت طبقي سان واسطو رکندڙ ھئا جن جي درد کي محسوس ڪندي مقامي سماجي طور متحرڪ انجنيئر استاد خميسو دل پاران سندن مالي سھائتا لاءِ سوشل ميڊيا تي مھم ھلائي ۽ ھڪ واٽسپ گروپ جوڙيو جنھن گروپ ۾ ھڪ ھزار کي مٿي ماڻھو ايڊ ڪيا ويا. گروپ جي ذريعي ماڻھن کي اپيل ڪئي وئي تہ اھي سڀ گڏجي متاثر ٿيندڙ خاندانن ۾ مدد ڪن. اھڙي اپيل تي مختلف ماڻھن پاران مالي مدد جي شروعات ڪئي وئي ھڪ ھفتو کان وڌيڪ اھا مھم جاري رھي . جنھن جي روزانو بنياد تي ملندڙ مالي امداد جا تفصيل وقت بہ وقت شيئر ڪيا پئي ويا. تقريبن ٻہ سئو کان مٿي ماڻھن مالي امداد ڪئي جيڪا ڪل رقم 4 لک 33 ھزار روپيا گڏ ٿي. جيڪا ڇنڇر واري ڏينھن ڳوٺ ماڻڪ بھراڻي ۾ متاثرن خاندان ۾ تقسيم ڪئي وئي. رقم جي تقسيم جي موقعي ابوبڪر پالاري ،امتياز سمون، ذوالفقار بروھي، گل حسن بھراڻي حيدر ڀٽي، لکاڏنو اپي جھرڪائي ۽ ٻيا موجود ھئا. ان موقعي تي خميسو دل، ابوبڪر پالاري، امتيازسمون، ذوالفقار بروھي ۽ ٻين ڳالھائيندي چيو تہ اسان علائقي واسين جا نھايت ٿورائتا آھيون جن اعتماد ڪري مالي مدد ۾ پنھنجو حصو ڏنو.ان سان علائقي ۾ ٻين جي مدد ڪرڻ جو جذبو جاڳيو آھي. فوتين جي خاندانن جي مستقل روزگار جي لاءِ پڻ ڪوششون ورتيون وينديون.

ھي بہ پڙھو

سنڌ ۾ پ پ جو گورنر ايندو: سعيد غني

سنڌ ۾ پ پ جو گورنر ايندو: سعيد غني

ڪراچي: (اڱارو: 02 جولاءِ 2024ع) صوبائي وزير سعيد غني چيو آهي ته سنڌ ۾ پ …