پاڪستان جو جديد سيٽلائيٽ ايم ايم ون خلا ۾ روانو

لاهور: (خميس: 30 مئي2024ع) پاڪستان جو جديد ڪميونيڪيشن سيٽلائيٽ ايم ايم ون ڪاميابي سان خلا ۾ روانو ٿي ويو آهي.

پاڪستان جو جديد ڪميونيڪيشن سيٽلائٽ پاڪ سيٽ ايم ايم ون شيچانگ سيٽلائٽ لانچنگ سينٽر چين سان خلا لاءِ روانو ڪيو ويو. سيٽلائيٽ اسپارڪو ۽ چائنيز ايروسپين انڊسٽري جي گڏيل تعاون سان ٺاهيو ويو آهي.

پاڪ سيٽ ايم ايم ون 15 سالن تائين ڪم ڪندو. ان سان پاڪستان ۾ ٽي وي نشريات، سيلولر فون سروس ۽ برانڊ بينڊ سروس بهتر بنائڻ ۾ مدد ملندي. پاڪ سيٽ ون ايم ايم هلندڙ سال آگسٽ ۾ سروس فراهم ڪرڻ شروع ڪندو.

مواصلاتي سسٽم پوري پاڪستان کي ڪوريج فراهم ڪندي ڪي اي هينڊ 10 گيگابائٽس في سيڪنڊ صلاحيت رکي ٿو.

ھي بہ پڙھو

ٽڪ ٽاڪ جي نئين لوڪيشن فيڊز ۾ واڌ

ٽڪ ٽاڪ جي نئين لوڪيشن فيڊز ۾ واڌ

واشنگٽن: (اڱارو: 25 جون 2024ع) ٽڪ ٽاڪ خاموشي سان ايپ جي هوم پيج کي ري …