ٺٽو حيدرآباد روڊ حادثي جي متاثرين جي لاءِ علائقي واسين 4 لک 33 ھزار روپيا امداد گڏ ڪري ورتي.

سماجي ڪارڪن سينئر استاد خميسودل سوشل ميڊيا جي ذريعي ماڻھن کي متحرڪ ڪري امداد گڏ ڪئي.

ٽنڊو حافظ شاھ ( ن- مزاحمت) ٺٽو حيدرآباد روڊ تي حميد فارم لڳ ڳوٺ ماڻڪ بھراڻي جي پورھيتن سان سوزڪي ۾ پيش آيل حادثو جنھن جي نتيجي ۾ 7 فوت ٿي ويا ھئا جڏھن 9 ڄڻا سخت زخمي ٿيا ھئا. اھڙي افسوسناڪ واقعي سبب پورو علائقو ڏک ۾ وٺجي ويو ھو. فوتي ۽ زخمي انتھائي غريب پورھيت طبقي سان واسطو رکندڙ ھئا جن جي درد کي محسوس ڪندي مقامي سماجي طور متحرڪ انجنيئر استاد خميسو دل پاران سندن مالي سھائتا لاءِ سوشل ميڊيا تي مھم ھلائي ۽ ھڪ واٽسپ گروپ جوڙيو جنھن گروپ ۾ ھڪ ھزار کي مٿي ماڻھو ايڊ ڪيا ويا. گروپ جي ذريعي ماڻھن کي اپيل ڪئي وئي تہ اھي سڀ گڏجي متاثر ٿيندڙ خاندانن ۾ مدد ڪن. اھڙي اپيل تي مختلف ماڻھن پاران مالي مدد جي شروعات ڪئي وئي ھڪ ھفتو کان وڌيڪ اھا مھم جاري رھي . جنھن جي روزانو بنياد تي ملندڙ مالي امداد جا تفصيل وقت بہ وقت شيئر ڪيا پئي ويا. جنھن سان ماڻھن ۾ اعتماد جي فضا وڌيڪ مظبوط ٿي وڌ کان وڌ حصو ورتو ويو تقريبن ٻھ سئو کان مٿي ماڻھن مالي امداد ڪئي جيڪا ڪل رقم 4 لک 33 ھزار روپين تائين پھچي چڪي آھي. خميسو دل پاران ڪيل ھن ڪوشش کي علائقي طوري پوري ضلعي اندر تمام گھڻو ساراھيو پيو وڃي. مزاحمت جي عيوضي سان ڳالھائيندي خميسو دل چيو مون کي دلي طور سڪون محسوس ٿي رھيو آھي تہ منھنجي ننڍي ڪاوش سان ماڻھن ۾ مدد جو جذبو پيدا ٿيو ۽ ھنن مون تي اعتماد ڪري منھنجي اڪائونٽ ۾ مالي امداد شيئر ڪئي جلدي مليل سموري رقم متاثر خاندان ۾ تقسيم ڪئي ويندي

ھي بہ پڙھو

سنڌ ۾ پ پ جو گورنر ايندو: سعيد غني

سنڌ ۾ پ پ جو گورنر ايندو: سعيد غني

ڪراچي: (اڱارو: 02 جولاءِ 2024ع) صوبائي وزير سعيد غني چيو آهي ته سنڌ ۾ پ …