شهيد نصرالله گڏاڻي جي قاتلن جي گرفتاريءَ لاءِ سندس امڙ جي قيادت ۾ ايس ايس پي گهوٽڪي جي آفيس آڏو ڌرڻو جاري


شهيد نصرالله گڏاڻي جي قاتلن جي گرفتاريءَ لاءِ سندس امڙ جي قيادت ۾ ايس ايس پي گهوٽڪي جي آفيس آڏو ڌرڻو جاري

 ميرپور ماٿيلو ۾ ايس ايس پي آفيس آڏو لڳايل ڌرڻي ۾ صحافين، سياسي سماجي اڳواڻن، شهرين، عورتن ۽ ٻارن جي به وڏي انگ ۾ شرڪت

 شهيد نصرالله جي والده امان پٺاڻي چيو آهي ته 17 ڏينهن گذرڻ باوجود منهنجي شهيد پٽ جا قاتل گرفتار نه ٿيا آهن، جج اسان سان انصاف ڪري، جيستائين انصاف نه ٿيندو هتي مان ڌرڻو هڻي ويٺي هونديس، سنڌي قوم هتي پهچي

 سياسي سماجي اڳواڻن ڌرڻي کي خطاب ڪندي چيو ته شهيد نصرالله جي قتل جي عدالتي جاچ هاءِ ڪورٽ جي ڪنهن حاضر سروس جج کان ڪرائي وڃي، شهيد جي قتل جي جاچ ڪنهن ٻي ڪميٽي پاران ڪرائي وئي ته قبول نه ڪنداسين

ڌرڻي ۾ شريڪ قومپرست اڳواڻ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي چيو ته ڪيترائي ڏينهن گذري ويا آهن پر اصل قاتل وائکا ناهن ٿي سگهيا، جيڪي گرفتاريون ڪيون ويون آهن اهي ظاهر به نٿيون ڪيون وڃن، پوليس ۽ حڪومت جو ڪردار مايوس ڪندڙ آهي، شهيد نصر الله گڏاڻي جي قاتلن کي فوري گرفتار ڪري قوم جي آڏو آندو وڃي

 شهيد نصرالله جي قاتلن جي گرفتاريءَ لاءِ لڳل ڌرڻي جي حمايت ۾ ميرپور ماٿيلو جي واپارين پاڻمرادو 

ھي بہ پڙھو

سنڌ ۾ پ پ جو گورنر ايندو: سعيد غني

سنڌ ۾ پ پ جو گورنر ايندو: سعيد غني

ڪراچي: (اڱارو: 02 جولاءِ 2024ع) صوبائي وزير سعيد غني چيو آهي ته سنڌ ۾ پ …