ميهڙ ۾ عدالت ۾ 3 ڄڻا قتل، جوبدارن پاڻ کي پوليس جي حوالي ڪري ڇڏيو.

ميهڙ ۾ عدالت ۾ 3 ڄڻا قتل، جوبدارن پاڻ کي پوليس جي حوالي ڪري ڇڏيو.

ميهڙ(مانيٽرينگ ڊيسڪ ) ميهڙ ۾ کونهارا برادري ۾ تڪرار تان عدالتي احاتي اندر فائرنگ ۾ ٻن ڀائرن سميت 3 ڄڻا مارجي وياميھڙ جي سيڪنڊ ايڊيشنل سيشن جج جي عدالت ۾ حاضري تي آيلن تي هٿياربندن عدالتي عمارت اندر ڇتي فائرنگ ڪري ڏني جنهن جي نتيجي ۾ ڪي اين شاهه جي ڳوٺ ڇوڙ قمبر جا رھواسي 2 ڀائر زاھد ، محبوب ۽ سئوٽ ستار کونھارو مارجي ويا

ٻڌايو پيو وڃي ته کونهارا برادري ۾ تڪرار تان جوابدار اشرف ، ضمير ۽ ستار کونھارو فائرنگ ڪري ٽن ڄڻڻ کي قتل ڪرڻ بعد پاڻ کي پوليس آڏو پيش ڪري ڇڏيو2020 ع ۾ ن ڇوڙ قمبر ۾ زرعي زمين جي تڪرار تان کونھارا برادري ۾ جھيڙو ٿيو ھيو جنھن تان حاجي نظير ، مختيار کونھارو قتل ڪيا ويا هئا جنھن جي پلاند ۾ جوابدارن حاضري تي آيل ٻن ڀائرن ۽ ھڪ سئوٽ کي عدالتي عمارت ۾ فائرنگ ڪري قتل ڪري ڇڏيو

ھي بہ پڙھو

ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جي ورسي ملهائي وئي.

ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جي ورسي ملهائي وئي.

ھوسڙي/ ڪلهوڙا ڪالوني (رپورٽر )سنڌ جي عظيم ھاري اڳواڻ باباءسنڌ حيدر بخش جتوئي جي 53 …