زوب ۾ جماعت اسلامي جي امير سراج الحق جي قافلي تي خودڪش حملو، 7 ڪارڪن زخمي

زوب ۾ جماعت اسلامي جي امير سراج الحق جي قافلي تي خودڪش حملو، 7 ڪارڪن زخمي

بلوچستان جي ضلعي زوب ۾ جماعت اسلامي جي امير سراج الحق جي قافلي تي آپگهاتي حملي جي نتيجي ۾ 6 ڄڻا زخمي ٿي پيا.

پوليس موجب زوب ۾ جماعت اسلامي جي امير سراج الحق جي قافلي وٽ اڻڄاتل هٿياربندن پاڻ کي ڌماڪي سان اڏائي ڇڏيو.

هوڏانهن ٻنهي طرفن کان 4 کان 5 گاڏين کي جزوي نقصان پهتو، واقعي بعد مقامي انتظاميا واقعي واري هنڌ پهچي علائقي کي گهيري ۾ آڻي ڇڏيو.

زخمين کي ويجهي اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي سندن حالت خطري کان ٻاهر ٻڌائي پئي وڃي.

سيڪريٽري جنرل جماعت اسلامي امير العظيم چيو آهي ته سراج الحق جي قافلي تي آپگهاتي حملو ٿيو آهي، حملو ڪندڙ مارجي ويو آهي.

جماعت اسلامي پاڪستان جي ترجمان قيصر شريف چيو آهي ته زوب ۾ استقبالي جلوس ۾ آپگهاتي ڌماڪو ٿيو، سراج الحق ۽ ٻيا ڪارڪن محفوظ رهيا.

جماعت اسلامي بلوچستان جي ترجمان عبدالولي شاڪر چيو آهي ته زوب ۾ استقبالي جلوس ۾ آپگهاتي ڌماڪو ٿيو آهي.

ژوب ۾ جماعت اسلامي جو اجلاس ٿيو، جنهن کي سراج الحق خطاب ڪرڻو هو.

ھي بہ پڙھو

فواد چوڌري اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ پيش: ضمانت لاءِ لکت ۾ خاطري ڪرائڻ جي هدايت: فوجي ٺڪاڻن تي ڀڃ ڊاهه جي مذمت ڪريان ٿو: فواد

فواد چوڌري اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ پيش: ضمانت لاءِ لکت ۾ خاطري ڪرائڻ جي هدايت: فوجي ٺڪاڻن تي ڀڃ ڊاهه جي مذمت ڪريان ٿو: فواد

اسلام آباد(مانيٽرنگ ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پي ٽي آءِ اڳواڻ فواد چوڌري کي ضمانت …