حيدرآباد (مانيٽرينگ ڊيسڪ)
پروفيسر ڊاڪٽر اجمل ساوند جي قتل ۽ سنڌ ۾ قبيلائي تڪرارن جي خلاف سنڌ ترقي پسند پارٽي جي سڏ تي حيدرآباد، ٽنڊومحمد خان، ٽنڊوالھيار، ميرپورخاص ، مٺي، چلھيار، بدين، کوسڪي، سانگھڙ، نوابشاھ، نوشھرفيروز، سکر، ميرپورماٿيلو، ڪنڌڪوٽ، ٺل ، جيڪب آباد، لاڙڪاڻو، دادو، ڄامشورو ، سجاول، ٺٽو، ملير، مٽياري، ڪورنگي، شھدادڪوٽ.سميت مختلف شھرن ۾ احتجاجي مظاھرا، ريليون ۽ ڌرڻا
سنڌ ترقي پسند پارٽي پاران پروفيسر ڊاڪٽر اجمل ساوند جي قتل ۽ سنڌ ۾ قبيلائي تڪرارن خلاف سڄي سنڌ ۾ احتجاجي مظاھرا ڪري احتجاج ڪيو ويو. ۽ مطالبو ڪيو ويو تہ فوري طور شھيد ڊاڪٽراجمل ساوند جا قاتل گرفتار ڪيا وڃن ۽ سنڌ ۾ قبيلائي جھيڙن کي روڪيو وڃي . سنڌ ترقي پسند پارٽي پاران ڏنل سڏ جي موٽ ۾ ٽنڊو محمد خان ۾ ايس ٽي پي ضلع صدر اقبال حاجاڻو جي اڳواڻي ايس ٽي پي ھائوس تائين ريلي نڪتي جيڪا پريس ڪلب اڳيان ختم ٿي جتي اڳواڻن خطاب ڪندي شھيد ڊاڪٽر اجمل جي قاتلن جي گرفتاري جو مطالبو ڪندي سخت نعريبازي ڪئي. جيڪب آباد ۾ ترقي پسند ھائوس کان عبدالستار جاگيراڻي، نظام مستوئي،عبدالنبي مگسي، محمد عمر سولنگي، سيد علي شاھ، غلام سرور مستوئي، صاحب خان چانڊيو، امجد سومرو، محمد اختر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ريلي ڪڍي وئي جيڪا شهر جي مختلف رستن کان ٿيندي پريس ڪلب آڏو پھچي ڌرڻو ھنيو قمبر شهدادڪوٽ ۾ پروفيسر شهيد اجمل ساوند جي بي گناھ قتل تي حڪومتي خاموشي ۽ قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف ڪوٽو موٽو چوڪ تي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ، ان موقعي تي احتجاج کي خطاب ڪندي ضلعي صدر امداد سومرو، ڪراچي ڊويزنل اڳواڻ ڪامريڊ حيات تونيو، شبير مگسي رشيد مگسي، زاهد مگسي، اسد سولنگي داد محمد ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو. ٺل ۾ ڪنڌڪوٽ ۾ قبيلائي تڪرار ۾ قتل ٿي ويل پروفيسر اجمل ساوند جي قاتلن جي گرفتاري لاء حبيب بئنڪ ٺل جيڪب آباد روڍ کان ايس ٽي پي اڳواڻن عبدالرزاق لاشاري جاويد ساغر بروھي محمد بخش بروھي اصغر علي لاشاري جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي قاتلن جي گرفتاري جي گھر ڪئي ويئي ۽ سخت نعريبازي ڪئي . ڪنڌڪوٽ ۾سنڌ ترقي پسند پارٽي جي مرڪزي سڏ تي پروفيسر شھيد اجمل ساوند جي قتل خلاف ضلعي صدر اڪرم باجڪاڻي جي اڳواڻي م گهنٽاگهر چوڪ کان پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي شهر جي تمام سياسي اڳواڻن ڊاڪٽرن وڪيلن شاگردن وڏي انگ م شرڪت ڪئي. مٺي ۾ پروفيسر اجمل ساوند جي قاتلن جي گرفتاري لاء ايس ٽي پي ھائوس کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي ويئي ريلي جي اڳواڻي ايس ٽي پي ضلع صدر ڪامريڊ گھنشام مالھي ڪئي. لاڙڪاڻو ۾ ايس ٽي پي پاران پروفيسر شھيد اجمل ساوند جي بيگناھ خون سان انصاف ۽ قاتلن جي گرفتاري لاءِ ايس ٽي پي اڳواڻن محمد صادق لاشاري، اختر بليدي، طارق جتوئي، نصير ڪلھوڙو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب لاڙڪاڻي اڳيا احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو. ڄامشورو ۾ پروفيسر شھيد اجمل ساوند جي قتل ۽ قبيلائي تڪرارن خلاف سيشن ڪورٽ ڄامشورو کان پريس ڪلب ڄامشورو تائين ساگر عالماڻي ، بادل نوحاڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي پريس ڪلب ڄامشورو اڳيان احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو. گھوٽڪي جي ھيڊ ڪوارٽر ميرپور ماٿيلو ۾ ڊويزنل جنرل سيڪريٽري مصطفي نائچ،ضلعي صدر زاھد ميراڻي نواز جلباڻي،ڄام معشوق سميجو ۽ استاد منظور نائچ جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو. نوشھرفيروز ۾ شھيد پرفيسر اجمل ساوند جي ناحق قتل خلاف ۽ شھيد جي قاتلن جي گرفتاري لاء اصغر ڀرٽ/غلام شبير ميراڻي / ممتاز ڀرٽ، حبيب مشوري. اسد چانڊيو. ضمير سھتو ۽ دين محمد تڳر جي اڳواڻي نوشھرو فيروز پريس ڪلب سامھون احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ٽنڊوالھيار ۾ ايڊوڪيٽ محبوب سمون ضامن بھراڻي,امداد ناريجو,افضل جسڪاڻي جي اڳواڻي ۾ ترقي پسند ھائوس کان پريس ڪلب ٽنڊوالھيار تائين احتجاجي ريلي ڪڍي احتجاجي مظاھرو ڪري شھيد اجمل جي قاتل جي گرفتاري جو مطالبو ڪيو ويو. بدين ۾ صدر صديق لاکاثيو جنرل سيڪريٽري محمد قاسم ھاليپوٽو سٽي جنرل سيڪريٽري ياسرسيال غلام قادر مراداڻي ڊاڪٽر عمر چانڊيو جي اڳواڻي ۾ پروفيسر اجمل ساوند جي قاتلن جي گرفتاري قبائلي جاگيرداري ۽ سرداري نظام جرڳاسسٽم خلاف پريس ڪلب ۽ ايوان صحافت اڳيان احتجاج ڪيو ويو. چيلھار ۾ مشتاق قاسماڻي جي اڳواڻي ۾سنڌ ترقي پسند پارٽي جي ڪارڪنن احتجاجي مظاھرو ڪري قاتلن جي گرفتاري جو مطالبو ڪيو ويو. نواب شاھ ۾ پريس ڪلب نواب شاھ اڳيان مرڪزي اڳواڻ محترم نثار علي ڪيريو صاحب سبحان علي مگسي صاحب رفيق ملاح ٻڍل مگسي حاڪمـ انڙ حسين ڪيريو ۽ عبدالقادر جيلاني جي اڳواڻي ۾ ڌرڻو ھڻين مطالبو ڪيو ويو. حيدرآباد ۾ ايس ٽي پي ضلعي صدر جان محمد جوڻيجو ناري تحريڪ صدر ادي حاڪم زادي ٿيٻو ضلعي اڳواڻ حسين مگسي ڪامريڊ عرفان بروھي شبير علي جوڻيجو نور الله مگسي شاگرد اڳواڻ صفدر سومرو جي اڳواڻي ۾ ريڊيو پاڪستان چوڪ کان حيدرآباد پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي . دادو ۾ شھيد پروفيسر ڊاڪٽر اجمل ساوند جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ پريس ڪلب دادو جي سامھون ايس ٽي پي اڳوڻ محبوب لاکير، پير گنبل شاھ عبدالحميد سومرو، سڪندر کوکر، وحيد سپريو، شھباز ملڪ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو جنهن ۾ سياسي سماجي ۽ صحافين شرڪت ڪئي. سانگهڙ ۾شهيد پروفيسر اجمل ساوند جي قاتلن جي گرفتاري لاء اسپتال چوڪ کان پريس ڪلب ساگهڙ تائين احتحاجي ريلي ڪڍي ايس ٽي پي ضلعي صدر علي ڏنو خاصخيلي, جبار جوڻيجو , رفيق جلالاڻي, جان محمد ابڙو,سليم رضاڏاھري ولي محمد منڱريو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو. ميرپور خاص ۾ عبدالڪريم ڪيريو، محبوب دل ، اڪبر شر، گلزار مگسي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو ۽ پريس ڪلب اڳيان سخت نعريبازي ڪندي قاتلن جي گرفتاري جو مطالبو ڪيو ويو. سکر ۾ سنڌ ترقي پسند پارٽي جي پاران محمد علي شيخ، نومي سنڌي ، ظفر کوسو، ڪامريڊ واحد کوسو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو. ۽ قاتلن جي گرفتاري جو مطالبو ڪيو ويو. ٺٽو ۾ سنڌ ترقي پسند پارٽي جي سڏ جي موٽ ۾ ايس ٽي پي جي ڪارڪنن پريس ڪلب ٺٽو جي اڳيان سيد جلال شاھ، حڪيم بروھي، جميل سمون ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاھرو ڪري قاتلن جي گرفتاري جو مطالبو ڪيو. ملير ۾ راڻو ظھراڻي، شبير چانڊيو، پير بخش بھلڪاڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ايس ٽي پي ڪارڪنن پريس ڪلب ملير اڳيان احتجاجي مظاھرو ڪندي مطالبو ڪيو تہ سنڌ مان قبيلائي جهيڙن جي خاتمي جي لاءِ قدم کنيا وڃن ۽ پروفيسر اجمل ساوند جا قاتل گرفتار ڪيا وڃن. مٽياري ۾ سنڌ ترقي پسند پارٽي پاران مرڪزي اڳواڻ ڄام شوڪت ابڙو، عبدالفتاح ڳاھوٽي، عبدالحڪيم نوحپوٽو، موسولڙڪو . شاھد لغاري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو ۽ سرداري نظام خلاف سخت نعريبازي ڪندي شھيد اجمل ساوند جي قاتلن جي گرفتاري جو مطالبو ڪيو ويو سجاول ۾ سنڌ ترقي پسند پارٽي جي سڏ تي غني ملاح، جمن سنڌي، ممتاز لغاري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو ۽ مطالبو ڪيو ويو تہ پروفيسر اجمل ساوند جا قاتل فوري گرفتار ڪيا وڃن. سنڌ ترقي پسند پارٽي ضلع اولھ ڪراچي پاران رجب علي مگسي جي اڳواڻي ۾ سھراب ڳوٺ کان گڏاپ پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي ۽ قاتلن جي گرفتاري جي گھر ڪئي وئي.
سرداري ۽ جاگيرداري نظام سبب معصومن جو رت وهي پيو – ڊاڪٽر قادر مگسي
سنڌ ترقي پسند پارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽرقادرمگسي پنھنجي جاري ڪيل پريس بيان ۾ چيو آھي تہ سنڌ اندر جاگيرداري ۽ سرداري نظام سبب بيگناھ انسانن جو رت وھي رھيو آھي . پروفيسر اجمل ساوند جي قتل سميت جيڪي قبيلائي تڪرارن ۾ انساني جانيون ضايع ٿيون آھن ۽ خاندانن جا خاندان تباھ ٿيا آھن ان جا ذميوار سردار ۽ جاگيردار آھن. ھن چيو تہ پروفيسر اجمل ساوند جي قتل خلاف سڄي سنڌ سراپا احتجاج بڻيل آھي پر حڪمران ڪن لاٽار ڪري رھيا آھن ڇاڪاڻ تہ پ پ پ سميت جيڪي وفاقي پارٽيون آھن اھي انھن جاگيردارن ۽ وڏيرن جون پارٽيون کين تحفظ ڏئي رھيون آھن. اھي پارٽيون پورھيت طبقي کي صرف ووٽ جي منڊي سمجھن ٿيون . انڪري سنڌ جي ماڻھن کي ھاڻي سجاڳ ٿيڻ گھرجي انھن کي جاگيردارن ۽ ڀوتارن مان پنھنجي جان آجي ڪرائڻ گھرجي . جنھن جي لاءِ ھنن کي پنھنجي ووٽ جي طاقت کي درست استعمال ڪرڻو پوندو. جستائين انھن جاگيردارن وڏيرن سردارن ۽ ڀوتارن کان اقتدار نہ کسيو ويندو تيستائين سنڌ جو پورھيت طبقو پيڙھيجندو رھندو.