واٽس ايپ دنيا ۾ 2 ارب کان مٿي صارفين جي پسنديده سماجي رابطن واري ويب سائيٽ آهي. انتظاميا پنهنجي ايپليڪيشن ۾ آئي ڏينهن صارفين جي سهولتن لاءِ تبديليون آڻيندي رهندي آهي جن کي صارفين پسند ڪرڻ سان گڏ انهن مان فائدا به وٺندا رهندا آهن.
اهڙي ئي حوالي سان هاڻي انتظاميا واٽس ايپ ۾ هٿرادو ذهانت تي ٻڌل هڪ اهڙي فيچر جي واڌ ڪئي آهي جيڪو هن وقت تائين خيال ئي هيو.
واٽس ايپ صارفين هاڻي واٽس ايپ سان به ڳالهائي سگهن ٿا، جي ها.
انتظاميا پنهنجو آفيشل واٽس ايپ اڪائونٽ تيار ڪيو آهي جيڪو ان پليٽ فارم جي صارفين سان ڳالهه ٻولهه ڪندو.
اهو واٽس ايپ جو اهڙو فيچر آهي جيڪو آءِ فون ۽ اينڊرائيڊ صارفين جي لاءِ متعارف ڪرايو پيو وڃي.
في الحال اهو محدود صارفين جي لاءِ دستياب آهي پر تمام جلد صارفين جي اڪائونٽن تي واٽس ايپ جي آفيشل اڪائنٽ جا ميسيج نظر ايندا.
ان اڪائونٽ صارفين پاڻ نٿا ڳولي سگهن پر واٽس طرفان ئي ميسيج ڪيو ويندو، جنهن کانپوءِ توهان چيٽ اسٽارٽ ڪري سگهو ٿا.
اڪائونٽ جي ذريعي صارفين کي نئين اپ ڊيٽس سميت ٻين شين بابت آگاهي ڏني ويندي.
واٽس ايپ اڪائونٽ جي پهرين ميسيج ۾ ڊس اپيئرنگ ميسجز فيچر بابت مختلف شيون ٻڌايون وينديون آهن.
ڏس اپيئرنگ فيچر 2020ع ۾ متعارف ڪرايو ويو هو، جنهن ۾ وقت سان گڏوگڏ ڪجهه تبديليون ڪيون ويون.
جيڪڏهن ڪوبه ماڻهو آفيشل اڪائونٽ جي ميسيجن کان تنگ ٿئي ته انهن کي آرڪائيو ۾ وجهي سگهي ٿو جڏهن ته بلاڪ ڪرڻ جي به سهولت موجود آهي.
