جسٽس قاضي فائز عيسيٰ سپريم ڪورٽ جي رجسٽرار کي چارج ڇڏڻ جو چئي ڇڏيو

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ سپريم ڪورٽ جي رجسٽرار کي چارج ڇڏڻ جو چئي ڇڏيو

 سپريم ڪورٽ جي جج جسٽس قاضي فائز عيسيٰ سپريم ڪورٽ جي رجسٽرار کي خط لکيو آهي، جنهن ۾ کيس فوري طور چارج ڇڏڻ جو چيو ويو آهي.
خط ۾ جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو آهي مون لاءِ حيران ڪندڙ هو ته سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي سرڪلر جاري ڪيو ويو، سرڪلر ذريعي سپريم ڪورٽ جي حڪم جي ڀڃڪڙي ڪئي وئي، سپريم ڪورٽ جي حڪم تي رجسٽرار سرڪلر جاري ڪرڻ جو ڪو اختيار نٿو رکي.

هن سپريم ڪورٽ جي رجسٽرار کي مخاطب ٿيندي چيو ته سينئر آفيسر طور توهان کي آئين ۽ آئين ۾ سپريم ڪورٽ جي فيصلي جي اثرن جي خبر هجڻ گهرجي، سرڪلر ۾ جنهن فيصلي جو ذڪر ڪيو ويو، اهو موجود فيصلي سان هڪجهڙائي نٿو رکي.
جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته فوري طور تي سرڪلر واپس وٺو، توهان جو رويو ظاهر ڪري ٿو ته توهان رجسٽرار آفيس ۾ رهڻ جي اهل ناهيو، آرٽيڪل 3/175 تحت رجسٽرار آفيس ۾ رهڻ آئين جي ڀڃڪڙي آهي.
خط ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته آرٽيڪل 3/175 تحت عدليا ۽ انتظاميا مڪمل طور تي الڳ آهن، هر شهري جيان توهان تي به آئين لاڳو ٿئي ٿو، توهان کي مشورو آهي ته آفيس جي چارج ڇڏي ڏيو.
جسٽس قاضي فائز عيسيٰ خط ۾ لکيو آهي ته اسٽيبلشمينٽ ڊويزن پنهنجي آفيسر کي فوري طور واپس گهرائي ۽ مناسب سمجهي ته آئين جي ڀڃڪڙي تي قانون موجب ڪارروائي ڪري.
خط جي ڪاپي جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ڪابينا سيڪريٽري ۽ اسٽيبلشمينٽ ڊويزن کي موڪلي ڇڏي آهي.

ھي بہ پڙھو

پنجاب حڪومت پاران فوجي ٺڪاڻن تي حملا ڪندڙن خلاف آرمي ايڪٽ تحت ڪارروائي واري فيصلي جي منظوري

پنجاب حڪومت پاران فوجي ٺڪاڻن تي حملا ڪندڙن خلاف آرمي ايڪٽ تحت ڪارروائي واري فيصلي جي منظوري

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پنجاب حڪومت فوجي ٺڪاڻن تي حملا ڪندڙن خلاف آرمي ايڪٽ تحت ڪارروائي …