ڪڍڻ لڳ ڳوٺ تماچي بجير م پرائمري اسڪول تماچي بجير جي استادن جو حاضري جي معاملي تان جھيڙو استادن جي ھڪٻئي کي مارڪٽ، فيميل ٽيچر ء استاد ٿاڻي تي پھچي رپورٽ داخل ڪرائي ڇڏي. رابطو ڪرڻ تي اسڪول جي ھيڊ ماسترياڻي تنجينہ زھرہ خواجہ الزام ھڻيندي چيو استاد امتياز عمراڻي کي ڊيوٽي پابندي سان ڪرڻ جو چيو جنھن تان مڇرجي مونکي ٿڦڙون ء ڌڪ ھنيا وچ م استاد مظفر کٽي ڇڏائڻ جي ڪوشش ڪئي تہ مٿس امتياز عمراڻي سخت تشدد ڪيو اسان اھڙي رپورٽ بالا آفيس کي ڪئي آھي ء تشدد ڪندڙ استاد امتياز عمراڻي خلاف ايف آء آر داخل ڪرايون پيا. ٻي طرف رابطو ڪرڻ تي امتياز عمراڻي چيو تہ مون فيميل ٽيچر تي ڪوبہ تشدد ناھي ڪيو موڪل جي معاملي تي مظفر کٽي وچ م اچي جھيڙو ڪيو جنھن تان اسان جي ھاٿا پائي ٿي آھي جڏھن تہ اھو معاملو منھنجي ء ھيڊ ماسترياڻي جي وچ م ھو ھن ھروڀرو جھيڙو ڪيو آھي.
