حيدرآباد(رپورٽ عرفان بروھي ) سنڌ ترقي پسند پارٽي پاران 24 فيبروري 2023 تي هٽڙي بائي پاس حيدرآباد تي يوم مادر وطن جو جلسو ڪيو ويندو. جنهن ۾ هر سال جيان سڄي مان عوام شرڪت ڪري مادر وطن سان عهد وفا جو وچن ورجائيندا. اهڙو فيصلو سنڌ ترقي پسند پارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي جي صدارت ۾ مرڪزي اڳواڻن جي اجلاس ۾ ڪيو ويو. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو يوم مادر وطن جي جلسي ۾ هڪ لک ماڻهن جي ويهڻ جو بندوبست ڪيو ويندو جڏهن جلسي ۾ هر سال جيان هن سال به مختلف شعبن ۾ نمايان ڪارڪردگي رکندڙ شخصيتن کي يوم مادر وطن ايوارڊ ڏنا ويندا. جلسي کي ڪامياب بڻائڻ ۽ تيارين جي لاءِ مختلف ڪميٽيون جوڙيون ويون. اجلاس کي خطاب ڪندي ڪندي سنڌ ترقي پسند پارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي چيو ته 24 فيبروري تي يوم مادر وطن جو جلسو تاريخي هوندو جنهن ۾ لکين مرد عورتون ٻار مختلف سياسي سماجي اڳواڻ، اديب دانشور ۽ صحافي شرڪت ڪندا ۽ هي جلسو حيدرآباد جي تاريخ جو وڏو جلسو ثابت ٿيندو. هن وڌيڪ اجلاس ۾ ڳالهائيندي چيو ته هن وقت سنڌ کي متحد ۽ منظم ٿيڻ جي ضرورت آهي. سنڌ جي خلاف گهڻ رخي سازشون ڪيون پيون وڃن جنهن سان مقابلي جي لاءِ اسان کي تيار رهڻو آهي. ڊاڪٽر قادر مگسي چيو ته ملڪ اندر معاشي ۽ سياسي بحران پنهنجي عروج تي پهتل آهي جنهن سبب ملڪ تيزي سان ڏيوالي طرف وڌي رهيو آهي جنهن سبب عوام بک بدحالي، مهنگائي ، بي روزگاري ۽ بدامني جو شڪار آهي خارجي محاذ تي ناڪامي جي نتيجي ۾ ملڪ اندر ٻيهر دهشتگردي جي ڪارروائين ۾ تيزي سان اضافو ٿي رهيو آهي حڪمران پنهنجي ناقص پاليسين جو جائزو وٺي درستگي پيدا ڪرڻ بجاءِ تمام بحرانن جو وزن عوام مٿان وجھي ڇڏيو آهي. سنڌ ۾ سازش تحت آباد ڪيل غير ملڪين سميت ڌاري آبادي کي سنڌ جي مستقل شهريت ڏيڻ لاءِ باقاعده هاڻي اسيمبلين ذريعي قانون سازي ڪري سنڌ جي بچيل وسيلن زمينن نوڪرين تي قابض ٿيڻ ۽ سنڌي قوم کي اقليت ۾ تبديل ڪري حق حاڪميت کسڻ لاءِ ڪوششن ڪيون پيون وڃن جنهن ۾ پيپلزپارٽي پيش پيش آھي. ھن چيو ته وقت کان اڳ ۾ ٿيندڙ آدمشماري تي اسان کي شديد خدشا آهن. هڪ طرف سڃاڻپ ڪارڊ جو شرط ختم ڪيو ويو آهي ته ٻي طرف آدمشماري ڪندڙ عملي کي تربيت ۾ ھدايتون ڏنيون ويون آهن ته جيڪو ماڻهو چئي ته هو ڇهن مهينن کان رهائيش پذير آهي ته ان کي صوبي جو مستقل رھائيشي سمجهي ڳڻپ ڪئي وڃي. اهڙي عمل سان سنڌ ۾ وڏي تعداد ۾ رهندڙ ڌارين جي لوڌ جي پڻ ڳڻپ ڪئي ويندي. جنهن سان سنڌ اصل ڌرتي ڌڻين کي انگ اکرن جي ذريعي اقليت ۾ تبديل ٿي ويندا. انڪري اسان اهڙي سازشي آدم شماري کي قبول نه ڪنداسين. هن وڌيڪ چيو ته جڏهن سنڌ مٿان مختلف مصيبتون آهن اھڙي ماحول ۾ سنڌ جي عوام کي متحرڪ ڪري حڪمرانن خلاف صف بند ڪرڻو پوندو سنڌ جي سياست ۾ صرف سنڌ ترقي پسند پارٽي آهي جيڪا سنڌ جي قومي ۽ طبقاتي ڪيس کي درست طريقي سان کڻي اڳتي وڌي رهي آهي اهڙي ماحول ۾ سنڌ جي عوام تائين يوم مادر وطن جلسي ذريعي رابطن ۽ جلسي ذريعي سنڌ جي موجوده حالتن متعلق ڄاڻ فراهم ڪري سجاڳ ڪيو ويندو. اجلاس ۾ جنهن ۾ حيدر شاھاڻي، حيدر ملاح ، ڊاڪٽر سومار مڱريو ، عاشق سولنگي ، قادر چنا ، ڊاڪٽر عبدالحميد ميمڻ ، هوت خان گاڏهي ، ڊاڪٽر احمد نوناري ، ڄام شوڪت ابڙو ، محمد علي ابڙو ، نصرت حسين چن شرڪت ڪئي،
