چيف اليڪشن ڪمشنر کي پي ٽي آءِ جي فرمائش تي مقرر ڪيو ويو هو: شيري رحمان

چيف اليڪشن ڪمشنر کي پي ٽي آءِ جي فرمائش تي مقرر ڪيو ويو هو: شيري رحمان

وفاقي وزير پ پ اڳواڻ شيري رحمان چيو آهي ته چيف اليڪشن ڪمشنر کي پي ٽي آءِ جي فرمائش تي مقرر ڪيو ويو هو.
ڪراچي جي علائقي ڪلفٽن ۾ ووٽ ڪاسٽ ڪرڻ بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي شيري رحمان چيو ته ووٽ جهموريت جو حق آهي ۽ سڀ پنهنجو حق استعمال ڪن.
شيري رحمان چيو ته اليڪشن ڪميشن هڪ آئيني ادارو آهي جنهن جي پنهنجي هڪ حيثيت ۽ ساک آهي.
هن چيو ته اسان کي به اليڪشن ڪميشن سان ڪيئي شڪايتون آهن، سندن فيصلن تي اسان به سوال اٿاريندا آهيون ۽ حل به ڳوليندا آهيون، پر اسان ادارن جي بي حرمتي ۽ بي عزتي ناهيون ڪندا.

ھي بہ پڙھو

اسلام آباد پوليس فواد چوڌري جو جسماني رمانڊ رد ڪرڻ واري فيصلي کي چئلينج ڪري ڇڏيو

اسلام آباد پوليس فواد چوڌري جو جسماني رمانڊ رد ڪرڻ واري فيصلي کي چئلينج ڪري ڇڏيو

اليڪشن ڪميشن کي ڌمڪيون ڏيڻ واري ڪيس ۾ اهم اڳڀرائي سامهون اچي وئي آهي. اسلام …