حڪومت ايندڙ 15 ڏينهن جي لاءِ پيٽروليم شين جون قيمتون ساڳيون رکڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.
ناڻي واري وزير اسحاق ڊار لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته اڄ رات 12 وڳي کان ايندڙ 15 ڏينهن جي لاءِ نيون قيمتون لاڳو ٿيڻيون هيون پر هاڻ فيصلو ڪيو ويو آهي ته ساڳيون ئي قيمتون برقرار رهنديون ان ۾ ڪابه گهٽتائي يا واڌ نه ٿيندي. 16 کان 31 جنوري تائين قيمتن ۾ ڪابه هيٺ مٿانهين نه ڪئي ويندي.
اسحاق ڊار چيو ته گاسليٽ جي قيمت هن وقت 171 روپيه 83 پئسا آهي جنهن ۾ ڪابه تبديلي نه پئي ڪئي وڃي. اهڙي طرح لائٽ ڊيزل آئل 179 روپيه آهي ۽ اهو به مهانگو نه پيو ڪيو وڃي.
