بڪيراشريف ۾ ٽنڊوالهيار ضلعي جي سڀ کان وڏي سياسي دنگل دوران پ پ ۽ آزاد اميدوارن جي حامين جو جهيڙو، جهيڙي دوران هڪٻئي جي حامين پاران لٺين، مڪن ۽ سرن جو آزادانه استعمال ڪيو ويو. جنهن سبب ڪيترن ئي ماڻهن جي زخمي ٿيڻ جا پڻ اطلاع آهن.
بڪيرا شريف ۾ جهيڙي جي صورتحال کان پوءِ امن امان برقرار رکڻ لاءِ رينجرز کي طلب ڪيو ويو. رينجرس طرفان مڇريل ماڻهن کي ڇڙوڇڙ ڪرڻ لاءِ لٺبازي ڪئي وئي. پ پ ۽ آزاد اميدوارن پاران هڪ ٻئي جي اميدوارن خلاف سخت سخت نعريبازي ڪئي وئي جنهن سبب پولنگ جي عمل کي بند ڪيو ويو.
بڪيرا شريف ۾ جهيڙي دوران مڇريل ماڻهن پاران پولنگ بوٿ ۾ داخل ٿيڻ کان پوءِ بيلٽ باڪس کي ڀڃڻ جي پڻ ڪوشش ڪئي وئي. جڏهن ته ڇڪتاڻ جو عمل اڃاڻ تائين جاري آهي جنهن سبب رتو ڇاڻ جو پڻ امڪان وڌي ويو آهي.
