هو اسان جي زمين ڳڙڪائڻ چاهين ٿا؟. حيدر ملاح

حيدر ملاح پي ڊي ايم جي حڪومت جي آخري هفتي ۾ ڪراچي ۾ واپارين جي ڪانفرنس ۾ گفتگو ڪندي ملڪ جي موجوده چيف آف آرمي اسٽاف اميد ڏيکاري هئي ته ايندڙ ڪجهه وقت ۾ سعودي، يواي اي ۽ اومان ” گهٽ ۾ گهٽ هر هڪ ملڪ، پاڪستان ۾ 25 ارب ڊالرن جي زرعي شعبي ۾ سيڙپ ڪندو”.ائين اندازو ڪيو پئي ويو ته ملڪ ۾ ايندڙ ڪجهه ئي وقت ۾ 75 ارب ڊالرن جي سيڙپ ايندي.اٺن ڪلاڪن جي ڪراچي جي ان ڊگهي ميٽنگ ۾ چيف آف آرمي اسٽاف ان ڳالهه جو به اظهار ڪيو هو ته ملڪ ۾ معاشي بحران تي ضابطو آندو ويندو، سمگلنگ، ڊائلرائيزيشن جو خاتمو آندو ويندو، امن امان جي صورتحال کي بهتر ڪيو ويندو. پرڏيهين کي ملڪ مان نيڪالي ڏني ويندي. حافظ صاحب ڪانفرنس ۾ اهم ڳالهه اها به ڪئي هئي ته مٿي ڄاڻايل ٽئي ملڪ سڌي طرح زرعي زمين توڙي اپت ۽ واپار بابت معاهدا صوبائي حڪومتن سان ڪندا .ڳالهه ڪجهه وقت لاءِ پراسز ۾ رهي ۽ اميد هئي ته زرعي شعبي ۾ سيڙپ سان سنڌ کي به جوڳو حصو ملندو، زمينون ليزر ليول ٿينديون جيڪي اڳتي هلي سنڌ جي عوام کي ئي ڪم اينديون.مقامي ماڻهن کي جديد فارمنگ کان نه صرف آگاهي ملندي پر انهن جي روزگار جو به جوڳو بندوبست ٿيندو.مقامي ماڻهن جي روزگار، رهائشي گهرن، صحت گهرن ، روڊ رستن، اسڪولن بابت به رٿابندي ڪئي ويندي، صدين کان زمينن تي راهي پوکي ڪندڙ ماڻهن جي زندگي ۾ بهتري آندي ويندي. پر پردي پويان ڪجهه ٻيو ٿيندو رهيو، تازو پنج ڏينهن پهرين هڪ رجسٽرڊ فرم جيڪا “گرين ڪارپوريشن” جي نالي سان ظاهر ٿي آهي. ان کي سنڌ جي 52 هزار ايڪڙ ڏني ويئي آهي. نئين معاهدي تحت سنڌ کي %33 سيڪڙو ۽ باقي صوبن کي زمينن جي معاوضي طور آمدني مان %50 سيڪڙو ڏنو ويندو.”گرين ڪارپوريشن” جي لاءِ عام تاثر اهو آهي تہ مذڪوره تنظيم عسڪري قوتن جي طابع ڪم ڪري ٿي،ان جو مقصد آهي تہ سنڌ جي 52 هزار ايڪڙ زمين ئي عسڪري قوتن جي حوالي ڪئي ويئي آهي.جي ائين آهي ته پاڻ وٽ سپريم ڪورٽ جو هڪ فيصلو موجود آهي جنهن ۾ واضع چيو ويو آهي ته ملڪ جي عسڪري قوت کي دفاع جي منصوبن کان سواءِ ڪنهن به ڪاروباري منصوبي جي لاءِ زمين نه ڏني ويندي.پر عدالتي فيصلن کي هي صاحب قطعي مڃڻ جي لاءِ تيار ناهن. ڪجهه ڌريون دعوي ڪري رهيون آهن ته سنڌ جي ڪچي، جابلو ۽ ٻيلي کاتي جي زمينن جي به سروي جاري آهي.رياست وٽ( law of nature )جي قانون تحت جيڪا زمين آهي جيڪا ڪنهن سول ماڻهو جي کاتي ۾ شامل ناهي ان زمينن کي به مستقبل ۾ ساڳي “گرين ڪارپوريشن” جي نالي ڪيو ويندو ۽ سنڌ جي لکين ايڪڙ زمين سڌي طرح سپريم ڪورٽ جي فيصلي جي لتاڙ ڪندي ڪاورباري مقصدن جي لاءِ ملڪ جي عسڪري قوتن جي حوالي ڪئي ويندي.ڇا جيڪي زمينون” گرين ڪارپوريشن” جي نالي ڪيون پيون وڃن سي اڳ ئي پوکي هيٺ آهن يا خالي پيل آهن؟ان بابت هن وقت تائين جي گڏ ڪيل ڄاڻ مطابق مٿين 52 هزار ايڪڙ زمين توڙي ٻئي جيڪا ڪچي، پڪي ۽ ٻيلي کاتي جي زمين سروي ڪئي پئي وڃي سا گهڻي ڀاڱي پوکي هيٺ ئي آهي ان جو مقصد اهو ٿيو ته سنڌ جا هزارين هاري خاندان ان زمين تي رهائش پذير به آهن ۽ انهن جي زندگي جو ڪارونهوار توڙي چوپائي مال جو گذر سفر به انهن ئي زمينن تي آهي. جيڪڏهن سنڌ جي لکين ايڪڙ زمين “گرين ڪارپوريشن” جي حوالي ڪئي وئي ته سنڌ جي ان هاريءَ جو ڇا ٿيندو جيڪو اڳ ئي غربت جي لڪير کان هيٺ زندگي گذارڻ تي مجبور آهي.هتي اهم سوال اهو به آهي ته موجوده نگران حڪومت جنهن کي فقط ملڪ ۾ اليڪشن لاءِ آندو ويو آهي ڇا ان کي اهو آئيني اختيار آهي ته هو سنڌ جي زمين عسڪري قوتن جي حوالي ڪرڻ جي لاءِ معاهدا ڪري؟.جواب سڌو آهي ته موجوده حڪومت کي اهڙي قسم جو ڪوبه آئيني اختيار ناهي.سنڌ جا ماڻهو “گرين ڪارپوريشن” سان ڪيل سنڌ جي زمينن جي وڪري جي معاهدي بابت نه صرف پريشان آهن پر اهو به سمجهن ٿا ته سنڌ جي زمينن تي دائمي طور قبضو ڪيو پيو وڃي.جيڪڏهن انهن لکين ايڪڙن زمين جي پوکي راهي لاءِ غير مقامي هاري آندا ويا ته هڪ ته مقامي ماڻهو پنهنجي زمينن تان بي دخل ٿيندا ٻيو ته انهن جي رهائش، روزگار توڙي چوپائي مال جي گسن گيڙن لاءِ مسئلا پيدا ٿيندا، ٻيو ته ان طريقي سان سنڌ ۾ ڌارين آبادي ۾ ويتر اضافو ٿيندو.هزارين ماڻهو ڏسندي ڏسندي پنهنجي پيرن هيٺان زمين وڃائي ويهندا.سنڌ اڳئي نسلي ڇڪتاڻ جي هيٺ آهي، مختلف علائقن ۽ ملڪن جي ماڻهن کي سنڌ ۾ رٿابندي سان آباد ڪيو ويو آهي جنهن ڪري سنڌي اقليت ۾ تبديل ٿيڻ جي خوف ۾ ورتل آهن ويتر “گرين ڪارپوريشن” جي والار سان خاص طور پنجاب ۽ پختونخواہ جا لکين ماڻهو سنڌ ڏانهن منتقل ڪيا ويندا.ٿيڻ ڇا گهرجي؟ملڪ ۾ ڪافي عرصي کان نالي ماتر به زرعي سڌارا نه آندا ويا آهن، ڀٽي شهيد جي دور ۾ آندل زرعي سڌارا به نالي ۾ نهال هئا، هارين کي زمينن جو مالڪ ڪرڻ بدران کاتا نيڪالي جي نال ۾ زمينون ساڳين جاگيردارن جي حوالي رهيون.ان ڪري ملڪ ۽ خاص طور سنڌ ۾ زرعي سڌارا آندا وڃن، فردي کاتي کان خالي پيل زمينن جي مالڪي جا حق انهن هارين کي ڏنا وڃن جيڪي سالن کان انهن زمينن کي آباد ڪري رهيا آهن.جديد فارمنگ بابت انهن جي تربيت ڪئي وڃي، ٻج، ڀاڻ توڙي، ٽريڪٽر جي خريد جي مد ۾ بنا وياج جي آسان قسطن وارا قرض ڊنا وڃن، چوپائي مال جي حفاظت لاءِ علاج ۽ انشورنس جي سهولت فراهم ڪئي وڃي.گڏوگڏ زرعي شعبي ۾ يو اي اي، اومان ۽ سعودي عرب مان ايندڙ سيڙپ جا سڌا فائدا مقامي هاري جي حوالي ڪيا وڃن. ان سان هڪ ته لکين ماڻهو پنهنجي زمينن تان دربدري کان بچي پوندا ۽ کين روزگار جا موقعا ملندا.”گرين ڪارپوريشن” کي معاهدي تحت وڪرو ڪري ڏنل زمين واپس وٺي سڌي طرح مقامي هارين سان معاھدا ڪيا وڃن جن معاهدن تي، هارپي جي حق سان گڏ، صحت، تعليم ۽ بنيادي انفرااسٽرڪچر جي جوڳي بندوبست جي گارنٽي ڏني وڃي.جي هارين کي پنهنجي اباڻي زمينن تان زوري بي دخل ڪيو ويو ته سمجهيو اهو ويندو ته هو اسان جون مستقل طور زمينون ڳڙڪائڻ چاهين ٿا. يقينن سنڌي آساني سان اهو سڀ ڪجهه هنن صاحبن کي ڪرڻ ته نه ڏيندا.

ھي بہ پڙھو

گهوٽڪي: شهيد صحافي نصرالله گڏاڻي قتل ڪيس جو هڪ جوابدار گرفتار

گهوٽڪي: شهيد صحافي نصرالله گڏاڻي قتل ڪيس جو هڪ جوابدار گرفتار

گهوٽڪي: (خميس: 06 جون 2024ع) پوليس مقتول صحافي نصرالله گڏاڻي  قل ڪيس جي هڪ جوابدار …