غزا ۾ پناهگيرن جي ڪئمپ تي اسرائيلي بمباري ۾ 100 کان وڌيڪ فلسطيني شهيد

غزا (ويب ڊيسڪ) غزا جي پٽي ۾ پناهگيرن جي ڪئمپ تي اسرائيلي بمباري جي نتيجي ۾ 100 کان وڌيڪ فلسطيني شهيد ۽ 350 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا.
پرڏيهي ميڊيا فلسطيني صحت واري وزارت جي حوالي سان ٻڌايو ته پناهگيرن جي جباليه ڪئمپ تي اسرائيلي جهاز 6 بم ڪيرايا، ان جي نتيجي ۾ 100 کان وڌيڪ فلسطيني شهيد ۽ 350 جي لڳ ڀڳ زخمي ٿي پيا.
فلسطيني صحت واري وزارت موجب 7 آڪٽوبر کان هيل تائين اسرائيلي بمباري جي نتيجي ۾ ٻارن، بزرگن ۽ عورتن سميت 8 هزار 525 شهري شهيد ٿي چڪا آهن.

ھي بہ پڙھو

برطانيا جي عام چونڊن ۾ ليبر پارٽي ڳري اڪثريت سان ڪاميابي ماڻي ورتي

برطانيا جي عام چونڊن ۾ ليبر پارٽي ڳري اڪثريت سان ڪاميابي ماڻي ورتي

لنڊن: (جمعو: 05 جولاءِ 2024ع) برطانيا جي عام چونڊن ۾ ليبر پارٽي ڳري اڪثريت سان …