ھوسڙي/ ڪلهوڙا ڪالوني (رپورٽر )
سنڌ جي عظيم ھاري اڳواڻ باباءسنڌ حيدر بخش جتوئي جي 53 ھين ورسي سنڌ ھاري ڪاميٽي طرفان لاڙ جي تاريخي ماڳ ۽ حيدرآباد جي قديمي ڳوٺ کٿڙ ۾ ملھائي وئي جنهن ۾ علائقي جي مختلف سياسي تنظيئن جي اڳواڻن کانسواءۡ سنڌ ھاري ڪاميٽي جي سربراھ اڪبر خان جتوئي صدراتي خطاب ڪيو. مير حيدر ٽالپر حيدر شاھاڻي ديدار شام حبيب جتوئي سنڌ ھاري ڪاميٽي جي مرڪزي سنئير نائب صدر محرم لنڊ ايم ايس ڀڙڳڙي عطا شاه محمد انڍڙ پيرل ڀرڳڙي.دودو ديشي. ۽ ٻين خطاب ڪندي سنڌ ھاري ڪاميٽي جي خالق باباءسنڌ حيدر بخش جتوئي ھاري ھلچل زندگي تي روشني وجھندي چيو ته باباءسنڌ حيدربخش جتوئي جنهن عيش و آرام جي زندگي کي ٿڏو ھڻي سنڌ جي مسڪين غريب ھاري ماروئڙن لاءۡ جدوجهد جو جيڪو رستو ورتو ھو اھو سنڌ جي معائشي جاگرافي سماجي آزادين جو اڻانگو ۽ ڏکيو رستو اختيار ڪندي اھڙي دور ۾ ھاري ماڻھن سان ٿيندڙ ظلم زيادتين ڦر لٽ خلاف جدوجهد ڪئي اھو سنڌ جي تاريخ جو روشن باب آھي افسوس اسين اھڙن بهادرن ۽ بي باڪ اڳواڻن جي قيادت کان محروم رهجي ويا آھيون جنهن ڪري سڀ سنڌ جا خير خواه ڇڙو ڇڙ ۽ مايوس آھن جنهن سان مسلسل سنڌ جي حقن تي ڌاڙا لڳن پيا اقتدار جي لالچ ۾ سنڌ جون زمينون ملڪيتون قدرتي معدنيات جا وسيلا .درياه ڍنڍون سون ورنيون زرخيز زمينون ٻيلا ڍنڍون سمنڍ قبضن جي ور چڙھيل آھن ھنن چيو ته ننگر پارڪر گنجو ٽڪر ڪراچي جي سامونڍي پٽي ٺٽو سجاول ڪيٽي بندر کان ڪارونجهر تائين دادو جي جبلن کان ڪوٽڙي ٿاڻي بولا خان تائين مقامي ماڻھڻ کي زوري لڏائي بيدخل ڪري اتان جي زمينن کي تين وال ڪيو پيو وڃي ترقي جي نالي جهنگلي جيوت پالتو ڍورن جون چراگاھون اجاڙيون پيون وڃن جيڪر ڪو انهن ناانصافين زيادتين خلاف حق و سچ جي آواز بلند ڪري ٿو ته ھن کي حراسان ڪري انتقامي ڪارواين جو نشانو ٿو بنايو وڃي اڳواڻن چيو ته لکين ايڪڙ سرڪاري زمينون بي زمين ھارين کي ڏيڻ بدران انعام ۽ رشوت ۾ ڏيڻ جو سلسلو اڄ به جاري آھي جيڪر سنڌ سان اھي ناانصافيون بند نه ڪيون ويون ته مجبورن بک مهنگائي بيروزگاري سان زندگي جي جنگ وڙھندڙ ڪٿي انقلاب جي راه تي متحد ٿي سنڌ جي وڏيرن جاگيردارن ڪامورن ۽ ڪرپٽ حڪمرانن خلاف ڪا تحريڪ نه شروع ٿي پوي ورسي جي ميڙاڪي پاران مطالبا ڪيا ويا ته سنڌ جون سرڪاري زمينو ھارين کي ڏنيون وڃن سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ ختم ڪري ٻج ڀاڻ زرعي دوائن تان ٽيڪس ختم ڪري غيرمعياري ۽ غير رجيسٽرڊ زرعئي دوائن ڀاڻن کي باآساني ھارين جي ڪنڌ ۾ ھڻندڙ ڊيلرن خلاف ڪارائيتا قدم کڻڻ جي سخت ضرورت آھي ۽ ھارين جي نالي تي ڀڀ ڀريندڙ ظالم وڏيرن ۽ زميندارن جا سنڌ جي ٻيلن ڍنڍن ۽ سرڪاري کيٽن تان قبضا ختم ڪرايا وڃن ڌارين جي آبادڪاري تي بندش وڌي وڃي تيل گئيس جي فيلڊن تي مقامي ماڻھن کي روزگار جا موقعا ڏنا وڃن جبلن تان غير قانوني ۽ ھٿ ٺوڪيو ليزون ختم ڪري جبل مان پٿر ريتي ڪڍڻ بند ڪئي وڃي ڪارونجهر کي تباه ٿيڻ کان بچايو وڃي ھنن چيو ته سنڌ جي آدم شماري کي گھٽائڻ واري سازش بند ڪرائي وڃي بيگناه کنڀجي ويلن جا ڪيس عام عدالتن ۾ ھلائي انصاف ڪيو وڃي.ٽينسي ايڪٽ تي عمل ڪرايو وڃي .انهي کان اڳ ورسي جي جلسي ۾ شرڪت لاء ھوسڙي کٿڙ بچل شورو عدل نوناري سيري گاجاموري نورائي شريف ٽنڊو فضل سميت مختلف شھرن ۽ ڳوٺن مان قافلا ريلين جي صورت ۾ پهچندا ويا پنڊال ۾ وڏي تعداد ۾ پورهيت ھاري مختلف سياسي سماجي تنظمين جي ڪارڪنن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.
جڏهن ته سنڌ هاري ڪميٽي پاران ڪلهوڙا ڪالوني ۾ پڻ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جي ورسي ملهائي وئي، مزار تي گلن جي چادر چاڙهي وئي. ان موقعي تي سنڌ هاري ڪميٽي جي اڳواڻ ثمر حيدر جتوئي ۽ ٻين عوامي جلسي کي خطاب ڪندي ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي کي خراج تحسين پيش ڪيو