Breaking News

سوشل ميڊيا کي ميدانِ جنگ بڻائڻ بَدران مُثبت استعمال ڪريو. ڪامريڊ حيات تنيو

سوشل ميڊيا دنيا جو هڪ بهترين، مضبوط ۽ انتهائي سَگھارو هٿيار ۽ تمام گھڻو وسيع پليٽ فارم آهي، جنهن کي هر ماڻهو گھر ويٺي آسانيءَ سان استعمال ڪري سَگھي ٿو، پر شرط اُهو آهي ته اسان کي اُن هٿيار جو دُرست ۽ صحيح استعمال ڪرڻ وارو هُنر اچڻ کپي، ڇاڪاڻ ته اُن جي دُرست استعمال سان اڪيچار فائدا حاصل ڪري سَگھجن ٿا، ٻي صورت ۾ ڀولڙي جي هٿ ۾ بندوق وارو نتيجو به نڪري سَگھي ٿو. (سنڌين جي اڪثريت وٽ ڀولڙي وارو ڪم آهي). اڄ جنهن به ماڻهوءَ جي هٿ ۾ سمارٽ فون آهي، ۽ اُن کي صحيح ۽ مثبت استعمال ڪرڻ جي ڄاڻ رکي ٿو ته پوءِ سَمجھو ته سَموري دنيا اُن ماڻهوءَ جي مُٺ ۾ آهي. هو ڪاڇي يا ڪچي پُل سميت ڪنهن به تمام ڏورانهين علائقي مان ويهي دنيا جي ڪهڙي به مُلڪ جا حالات، اُتان جي ماحول، موسم، فن، ادب، موسيقي، ريتن، رسمن، سياسي، سماجي ۽ مُعاشي حالتن سان گڏ انقلابن ۽ آزادين سميت هڪڙي منٽ اندر ڪنهن به قسم جي معلومات حاصل ڪري سَگھي ٿو. سُڌريل ۽ ترقي يافته مُلڪن جا ماڻهو سوشل ميڊيا جي مثبت استعمال ذريعي اُهو سَڀ ڪُجھ حاصل ڪري رهيا آهن- پر افسوس اسان هِن جديد دور جي ترقي ۽ سوشل ميڊيا جي انتهائي اهم، طاقتور ۽ سَگھاري هٿيار کي صحيح ۽ مُثبت استعمال ڪرڻ جا گُر اڃا تائين ناهيون سِکي سَگھيا. مان جيڪڏهن غلط نه هُجان ته هڪڙي مُحتاط اندازي موجب سنڌ ۾ سوشل ميڊيا جو استعمال ڪندڙ ماڻهن مَنجھان فقط هڪ سيڪڙو به اُن جو دُرست ۽ مثبت استعمال مشڪل سان ڪندا هوندا، باقي سَمورو هُجوم رڳو هڪٻئي جا پٽڪا لاهڻ، گاريون ڏيڻ، الزام تراشيون ڪرڻ، هڪٻئي کي خوار ۽ بدنام ڪرڻ، پنهنجو ذاتي يا سياسي حسد، ساڙ ۽ ڪاوڙ ڪڍڻ، ڌارين جو ايجنٽ، غدار، بزدل ۽ ڀاڙيو هُجڻ جا لقب ۽ سرٽيفڪيٽ جاري ڪرڻ جهڙي ”عظيم قومي ڪم“ سان جُنبيل نظر ايندو- اهڙي عمل ۾ عام ۽ انتهائي سادي سودي ماڻهوءَ کان وٺي پڙهيل لکيل ماڻهن، باشعور، سياسي، سماجي ڪارڪنن، اديبن، ليکڪن، صحافين ۽ اڳواڻن تائين سَڀ جو سَڀ اُن قومي ڪم ۾ هڪٻئي کان گوءِ کڻڻ، هڪٻئي تي برتري حاصل ڪرڻ، هڪٻئي کي مات ڏئي ماري مڃائڻ جي چڪر ۾ سهپ، درگذر، رواداري، ادب و احترام، اخلاق ۽ فضيلت وارن اعليٰ گُڻن جا سَمورا ليڪا لتاڙڻ ۾ دير نه ڪندا. ڪو پڙهيو لکيو، سوچيندڙ ۽ لوچيندڙ، سنڌ جو ساڃهه وند ۽ گھڻگھرو يا ڪو سياسي اڳواڻ ڀلي ڪيڏي به جائز، مُدلل، علم، فهم ۽ فراست واري ڳالھ ڪري، پر رجعت پسند، تقليديت پرست، انڌي عقيدي جي بنياد تي هلڻ وارا کوھ جا ڏيڏر ۽ چاڪيءَ جي ڏاند جيان گول سرڪل ۾ هلڻ جا عادتي ماڻهو، وقت ۽ حالتن جو صحيح ادراڪ رکندڙ، تبديلي ۽ نواڻ جي ڳالھ ڪندڙ ساڃهه وندن، باشعور ۽ باضمير انسانن جي خلاف بنا سوچي سَمجھي باهوڙ مچائي ڏيندا.
اهڙي عمل ۾ گذريل مارچ مهيني دوران اُن وقت تيزي آئي، جڏهن ايس ٽي پي سربراھ ڊاڪٽر قادر مگسي سنڌ دشمن ڊجيٽل آدمشماريءَ خلاف ڪراچي پريس ڪلب اڳيان ڪئمپ قائم ڪري 17 ڏينهن مُسلسل احتجاج ڪرڻ جو اعلان ڪيو- اُن ۾ وڌيڪ تيزي وري اُن وقت آئي، جڏهن ڊجيٽل آدمشماري واري معاملي تي پيپلز پارٽيءَ طرفان 17 مارچ تي ڪراچيءَ ۾ ڪانفرنس سڏائي وئي- اُن ڪانفرنس جو ايم ڪيو ايم سميت ڪجھ قومپرست پارٽين بائيڪاٽ ڪرڻ جو اعلان پڻ ڪيو- ڊاڪٽر قادر مگسي اُن ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندي وقت جي حاڪمن سامهون ڊجيٽل آدمشماري تي سنڌي قوم جي خدشن ۽ نقصانن سميت سنڌ جو مجموعي ڪيس رَکڻ سان گڏ حُڪمرانن جي سِنڌ دُشمن ڪرتوتن کي تمام سَگھاري ۽ مُدلل طريقي سان دنيا اڳيان وائکو ڪيو، جنهن جي ڪيترن ئي حلقن تعريف پِڻ ڪئي- 21 مارچ تي ايس ٽي پي جي يومِ تاسيس واري پروگرام ۾ ڊاڪٽر قادر مگسيءَ جي انتهائي سنجيده قسم جي ڪيل تقرير کي ٽوڙي مروڙي پيش ڪيو ويو. بنا سوچي سَمجھي ۽ ڪيل ڳالهين جي گهرائين تي سنجيدگيءَ سان غور فڪر ڪرڻ بدران سوشل ميڊيا تي باھ ٻاري وئي، جيڪا هِن وقت ڪجھ ٿڌي ته ٿي آهي، پر سوشل ميڊيائي پهلوانن جو مخصوص ٽولو رَکي رَکي اُن ۾ ”چوچڙي“ سُوري دونهيءَ کي دُکائي رکڻ جي جستجوءَ ۾ مصروف آهي- حالانڪه! ڊاڪٽر قادر مگسيءَ جون سَموريون ڳالهيون تمام اهم، غور طلب، فڪر انگير ۽ فضيلت ڀريي بحث ڪرڻ جون گھرجائو هيون- جن تي فڪري ۽ نظرياتي بحث ٿين ها- ڪانفرنسون ۽ سيمينار ٿين ها- جنهن ذريعي سَموري قومپرست سياست جي ماضي، حال ۽ مُستقبل جو ايمانداراڻو جائزو وٺندي قوم جي نجات جا ڪي نوان گس، نوان دڳ ۽ نيون واٽون ڳولي سَگھجن پيون- پر افسوس ائين ڪونه ٿيو- اُنهن سَمورين سنجيده ۽ بامقصد ڳالهين کي سياسي مخالفت، تعصب، ذاتي پسند، ناپسند، انائن ۽ هُل هنگامي جي ور چاڙهيو ويو!
اصولن ته سياست ۾ ڪير به تنقيد کان مٿانهون ڪونهي، خاص ڪري سياسي اڳواڻن تي ته هر ماڻهوءَ جي نظر هجڻ گھرجي. سائين جي ايم سيد، ذوالفقار علي ڀُٽي، ڊاڪٽر قادر مگسي، اياز لطيف پليجي ۽ سيد جلال محمود شاھ سميت ٻيا جيڪي به سياسي اڳواڻ آهن، اُهي سَڀ عوامي ملڪيت آهن، اُنهن جي چڱن ڪمن جي تعريف ڪرڻ سان گڏ اُنهن جي سياسي نقطه نظر، پاليسين، حڪمت عملين، جدوجهدن، روين، عملن ۽ ڪردارن سميت سندن سَمورين غلطين ۽ ڪوتاهين تي اخلاقي حدن اندر دل کولي تنقيد ڪرڻ کپي، ڪو به سياسي اڳواڻ غلطين کان پاڪ ۽ مُقدس ڪونهي ۽ نه ئي ڪنهن سياسي اڳواڻ جي ڪيل ڪا ڳالھ يا پاليسي ڪو آسماني صحيفو آھي، پر سياست وقت ۽ حالتن مطابق ڪئي ويندي آهي. حالتن جي گُھرجن موجب پاليسين ۽ حڪمت عملين ۾ تبديليون ٿينديون رهنديون آهن. سياست لڪير جو فقير ٿي هلڻ يا جمود جو نالو ڪونهي. سياست سائنس آهي، جنهن ۾ روز نيون تبديليون اڻٽر هونديون آهن. اڄ جي ڪيل ڳالھ سڀاڻي غلط به ٿي سَگھي ٿي- سياست ۾ بنيادي مقصد کان علاوه ڪنهن به ڳالھ کي انا جو مسئلو بڻائي ڳنڍ ٻڌي يا ضد ڪري ويهي ناهي رهبو- سياست وهندڙ پاڻيءَ وانگر هجڻ گھرجي، نه ڪي بِيٺل پاڻيءَ جي ڪِني دُٻي وانگر، پر بدقسمتيءَ سان هتي سياست ۾ ڪن شخصيتن کي مُقدس ڳئون جو درجو ڏنو ويو آهي- اُنهن جي پنجاھ سال پُراڻن خيالن کي مُقدس صحيفه سَمجھي پُوڄيو پيو وڃي، ڪير به اُنهن جي غلطين تي چپ چورڻ جي ڪوشش ڪري ٿو ته اُن جي خلاف مَذهبي انتهاپسندن وانگر ڪُفر، وطن فروش، غدار ۽ ايجنٽ جون فتوائون جاري ڪرڻ سان گڏ سوشل ميڊيا ذريعي بَداخلاقي، بَدتميزي ۽ گارگند جو هڪ اڻکٽ سلسلو شروع ڪرايو وڃي ٿو- اهو به اهڙي دور ۾، جتي ماڻهو وڏن وڏن بُزرگن، ۽ ولين تي به تنقيدون ڪن ٿا- خُود سائين جي ايم سَيد جُون ڪيئي اَهڙيون تحريرون آهن، جَن ۾ مَذهبي ڳالهين تي سَخت کان سَخت تنقيد ڪئي وَئي آهي، ۽ مُخالفت پِڻ ڪئي وَئي آهي!
تنهنڪري ضروري آهي ته سياسي اڳواڻن کي آسماني مخلوق، مذهبي پيشوا يا مُرشد سَمجھڻ بدران کين سياسي اڳواڻ ئي رهڻ ڏنو وڃي ته بهتر ٿيندو. جيڪڏهن سياسي اڳواڻن کي ڪنهن به قسم جي پُڇاڻي يا تنقيد کان بالاتر بڻائي اُنهن جي پوڄا ڪندا رهنداسين ته پوءِ اسان سياسي يا قومي ڪارڪن نه، پر سياسي مجاور ۽ مُريد سَمجھيا وينداسين. سنڌ کي هِن وقت سياسي مجاورن جي نه، پر پڙهيل لکيل، نظرياتي ۽ سنجيده ۽ انقلابي ڪيڊر جي تمام وڏي کيپ جي سخت ضرورت آهي. اهڙا ئي ڪارڪن سنڌ کي هِن سَمورين ذلتن ۽ غلامين مان ڇوٽڪارو ڏياري سگھندا. تنهنڪري ضروري آهي ته سوشل ميڊيا کي ميدانِ جنگ بڻائڻ بدران اسان پاڻ ۾ سهپ، رواداري ۽ هڪٻئي جو احترام ڪرڻ واريون خصلتون پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪريون. سَمورن سياسي ڪارڪنن کي پنهنجن اڳواڻن سان بيحد محبت ۽ پيار به هوندو ۽ لازمن هُجڻ به کپي، پر ڪنهن به اڳواڻ تي ٿيندڙ تنقيد جو اسان غلط طريقي، ۽ گارين سان جواب ڏيڻ بدران خُوبصورت انداز، فهميده نموني، بااخلاق ۽ بافضيلت طريقي سان، علم، عقل ۽ دليلن سان جواب ڏيون، علمي، عقلي ۽ فڪري بحث ڪريون. هڪٻئي جي سَوالن، اعتراضن ۽ تنقيدن کي برداشت ڪرڻ جو هُنر سِکون، تڏهن ئي وڃي اسان سنڌ جي مُقدر ۾ ڪي چار چڱايون وجھي سَگھنداسين، ڪا بهتر واٽ ڳولي سُٺي نتيجي تي پهچي سگھنداسين، نه ته ٻي صورت ۾ ساڳيا لاٽون ۽ ساڳيا چگھ هوندا. سنڌ اسان جي هٿن مان واريءَ جي مُٺ وانگر آهستي آهستي نڪري ويندي. اسان جا هٿ هڪٻئي جي ڳچين ۾ هوندا، وقت اسان جي هٿن مان نڪري ويندو، اسان هٿ مهٽيندا رهجي وينداسين ۽ ويل وقت وري ڪڏهن واپس موٽي ناهي ايندو!

۱۷ اپريل ۲۰۲۳ع جي روزاني ڪوشش اخبار ۾ شايع ٿيل

About Mazahimat