احتساب عدالت اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي سميت ٻين جوابدارن خلاف ايل اين جي ۾ جوابدارن جي بريت جي درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ڇڏيو.
اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي سميت ٻين جوابدارن خلاف ايل اين جي ريفرنس تي ٻڌڻي ٿي، ريفرنس تي ٻڌڻي احتساب عدالت جي جج ناصر جاويد رانا ڪئي. جنهن ۾ شاهد خاقان عباسي عدالت ۾ پيش ٿيو. ريفرنس ۾ شريڪ جوابدار عبدالصمد دائود جي وڪيل دليل ڏنا.
جوابدارن جي وڪيل چيو ته 13 ماڻهن جي بورڊ فيصلو ڪيو ته اهو ٽينڊر ڏنو وڃي. ايل ايس اي تي ڪم تڏهن شروع ٿيو جڏهن بيڊنگ مڪمل ڪئي وئي هئي. ان دوران نيب پراسيڪيوٽر جوابدارن جي بريت جي مخالفت ڪندي چيو ته جوابدارن کي بري نه ڪيو وڃي. صرف اختيارن جي دائري تي عدالت فيصلو ڪري هن ڪيس ۾ ڏوهه بڻجي ٿو يا نه ان جو فورم ڌار ٿيندو. ايل اين جي ڪيس ۾ ڪرپٽ پريڪٽس ۽ اڻ شفافيت موجود آهي.
نيب پراسيڪيوٽر چيو ته هن ڪيس ۾ اينٽي مني لانڊرنگ ايڪٽ جا قلم به شامل آهن. ايل اين جي غير شفافيت جو سوموٽو سپريم ڪورٽ ورتو هو. مني لانڊرنگ جعلي اڪائونٽس جا ڪيس به اسان ڏسي رهيا آهيون.
ٻڌڻي دوران شاهد خاقان عباسي روسٽرم تي اچي چيو ته سياسي آڌار تي ڪيس ٺاهيا ويا، اڄ ملڪ تباهي ڪناري تي پهچي ويو آهي. مون اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي ته مون کي ٻڌايو وڃي ته منهنجي مٿان الزام ڪهڙو آهي. نيب پراسيڪيوٽر چيو ته شاهد خاقان عباسي هر پيشي تي عدالت آيو ۽ ڪارروائي به ڏسندو رهيو آهي.
شاهد خاقان عباسي چيو ته هن ڪيس ۾ جيترا به گواهه آهن انهن مان ڪو به هڪ اهو ناهي ٻڌائي سگهيو ته منهنجي مٿان الزام ڪهڙو آهي. چئن سالن کان مون کي هن ڪيس ۾ هلايو پيو وڃي مان چار سال اڳ گاڏي وڪرو ڪئي جيڪا مان اڃان تائين ٻئي شهري جي نالي تي ٽرانسفر ناهيان ڪرائي سگهيو.
ڌرين جا دليل ٻڌڻ کان پوءِ احتساب عدالت ايل اين جي ريفرنس تي اختيار جي دائري بابت ڪيس جو فيصلو محفوظ ڪري ورتو ۽ چيو ته ڪوشش ڪئي ويندي ته فيصلو اڄ ئي ٻڌايو وڃي.
عدالت ۾ پيشي جي موقعي تي صحافين سان ڳالهيون ڪندي اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو ته مون 35 سالن جو رڪارڊ ڏنو آهي، جسٽس جاويد اقبال پنهنجو حساب ڏئي، اڄ سياستدان ڪرپٽ آهن يا جسٽس جاويد اقبال ڪرپٽ آهي.
شاهد خاقان عباسي چيو ته اهڙا ماڻهو به آهن جيڪي ستن سالن کان جيل ۾ آهن، چئن سالن کان منهنجي خلاف هڪ به گواهي ناهي ڏني ته مون ڪرپشن ڪئي آهي. اڄ ايل اين جي نه هجي ها ته ملڪ ڊيفالٽ ٿي وڃي ها.