سنڌ ترقي پسند پارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي سان سندس رھائشگاھ بلوچ قوم پرست اڳواڻ شهيد ڊاڪٽر عبدالحئي بلوچ جي فرزند نيشنل ڊيموڪريٽڪ پارٽي جي اڳواڻ ايدووڪيٽ چنگيز خان بلوچ جي ملاقات ڪئي
ملاقات دوران ٻنهي اڳواڻن جي وچ ۾ سنڌ بلوچستان سىميت ملڪي صورتحال تي خيال جي ڏي وٺ ٿي ان موقعي تي سنڌ ترقي پسند پارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي ڳالهائيندي چيو ته حئي بلوچ سنڌ جي هر اشو تي اسان سان گڏ هوندو هو سندس قومي جدوجهد کي وساري نٿو سگهجي پاڪستان جي اندر جن قومن سان ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ ٿئي پيو انهن کي گڏجي جدوجهد ڪرڻي پوندي. هن وڌيڪ چيو ته بلوچستان ۽ سنڌ جي صورتحال ساڳي آهي ٻئي وسيلن سان مالا مال آهن پر عوام بنيادي سهولتن کان محروم آهي. هيٺين پورهيت طبقي کي متحد ٿي پنهنجي حقن جي لاءِ جدوجهد ڪرڻي پوندي. جاگيردارن ۽ سردارن سدائين ذاتي مفادن خاطر قومي اجتماعي مفادن تي سوديبازي ڪئي آهي ان موقعي تي بلوچ اڳواڻ ايڊووڪيٽ چنگيز خان بلوچ ڳالهائيندي چيو ته بلوچن کي پنهنجا ملڻ تائين جدوجهد جاري رهندي. اسان بلوچ ۽ سنڌي هڪٻئي جا ٻانهن ٻيلي رهيا آهيون. منهنجي والد حئي بلوچ هميشه مظلومن لاءِ جدوجهد ڪئي ۽ انهن جو آواز بڻيو. هن چيو ته پنهنجي والد جي نقش قدم تي هلندس، جڏهن به سنڌ جو سڏ ٿيو ته حاضر هوندس هن وڌيڪ چيو ته ملڪ جي استحڪام لاءِ ضروري آهي ته سمورن صوبن کي برابري جي بنياد تي حق ڏنا وڃن.
ٻنهي اڳواڻن جي وچ ۾ رابطن کي برقرار رکڻ ۽ گڏيل جدوجهد جي هڪٻئي سان رابطن ۾ رهڻ تي اتفاق ڪيو ويو.
ان موقعي تي پروفيسر فتاح ڊائود پوٽو، حفيظ ڏيرو، محمد علي ابڙو، جميل ڇلڳڙي، فاروق الماس، ۽قيصر کوسو موجود هئا.
Check Also
سن اليأس عند الرجال.. هل من طريقة لعلاجه؟
ونظرا لأن “آيفون إس إي” الجديد فيه ذاكرة وصول عشوائي سعتها 4 غيغابايتات، فمن المرجح …