پاڪستان جو جديد سيٽلائيٽ ايم ايم ون خلا ۾ روانو

پاڪستان جو جديد سيٽلائيٽ ايم ايم ون خلا ۾ روانو

لاهور: (خميس: 30 مئي2024ع) پاڪستان جو جديد ڪميونيڪيشن سيٽلائيٽ ايم ايم ون ڪاميابي سان خلا ۾ روانو ٿي ويو آهي.

پاڪستان جو جديد ڪميونيڪيشن سيٽلائٽ پاڪ سيٽ ايم ايم ون شيچانگ سيٽلائٽ لانچنگ سينٽر چين سان خلا لاءِ روانو ڪيو ويو. سيٽلائيٽ اسپارڪو ۽ چائنيز ايروسپين انڊسٽري جي گڏيل تعاون سان ٺاهيو ويو آهي.

پاڪ سيٽ ايم ايم ون 15 سالن تائين ڪم ڪندو. ان سان پاڪستان ۾ ٽي وي نشريات، سيلولر فون سروس ۽ برانڊ بينڊ سروس بهتر بنائڻ ۾ مدد ملندي. پاڪ سيٽ ون ايم ايم هلندڙ سال آگسٽ ۾ سروس فراهم ڪرڻ شروع ڪندو.

مواصلاتي سسٽم پوري پاڪستان کي ڪوريج فراهم ڪندي ڪي اي هينڊ 10 گيگابائٽس في سيڪنڊ صلاحيت رکي ٿو.

About Mazahimat

Check Also

2023 ۾ معمول کان وڌيڪ گرمي ٿيندي.

2023 ۾ معمول کان وڌيڪ گرمي ٿيندي.

2022 ۾ سانوڻ معمول کان گهڻو گرم رهيو هو ته 2023 ان کان به وڌيڪ …