سنڌ جي عوام جي مرضي کان سواءِ سنڌ جي زمين جو هڪ انچ به ڪنهن به اداري کي ڏيڻ جو حق ناهي. ڊاڪٽر قادر مگسي

سنڌ جي عوام جي مرضي کان سواءِ سنڌ جي زمين جو هڪ انچ به ڪنهن به اداري کي ڏيڻ جو حق ناهي. ڊاڪٽر قادر مگسي

حيدرآباد (پريس ريليز) سنڌ ترقي پسند پارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي پنهنجي جاري ڪيل پريس بيان ۾ چيو آهي ته سنڌ سنڌين جو هزارين سالن کان تاريخي مادر وطن آهي ان جو انچ انچ سنڌي قوم جي ملڪيت آهي. سنڌ جو زمينون سنڌي قوم کي اعتماد ۾ وٺڻ کانسواءِ ميگا پروجيڪٽ جي نالي ۾ مختلف ادارن ۽ وفاق جي حوالي ڪرڻ بدنيتي آهي. صوبائي نگران سرڪار کي اهو حق نٿو پهچي نه وري ان کي قانوني طور اهو اختيار آهي ته هو ان طرح جا ايڏا وڏا فيصلا ڪري جنهن سان سنڌ ۽ سنڌي قوم جي مستقبل جو سوال لاڳاپيل هجي. هڪ پاسي سنڌ جي اندر رھائيشي اسڪيمن جي نالي ۾ سنڌ جي زمينن تي قبضو ڪري مقامي ماڻهن کي بي دخل ڪيو ٿو وڃي ته وري ٻي پاسي مختلف ميگا پروجيڪٽ جي نالن ۾ سنڌ جي لک جي لڳ ڀڳ ايڪڙ زمينن کي مختلف ادارن کي ڏيڻ جي رٿابندي ڪئي وئي آهي جيڪا سنڌ سان ناانصافي آهي. هن وڌيڪ چيو ته اسان ترقي جي خلاف ناھيون پر ترقي جي نالي ۾ اصل ڌرتي ڌڻين جي پيرن هيٺيان زمين کسڪائڻ وارو عمل ڪنهن به ريت قبول ناهي. سنڌ اندر ميگا پروجيڪٽ ۾ مقامي ماڻهن جي خوشحالي، روزگار ۽ مالڪي جي حقن سان مشروط هجڻ گهرجي نه ته ٻي صورت ۾ سنڌ جو عوام احتجاج جو حق رکي ٿو.

ھي بہ پڙھو

ملڪ اڃا تائين سياسي توڙي معاشي بحران مان نڪري ناهي سگهيو. ڊاڪٽر قادر مگسي

ملڪ اڃا تائين سياسي توڙي معاشي بحران مان نڪري ناهي سگهيو. ڊاڪٽر قادر مگسي

حيدرآباد ( پريس رليز) سنڌ ترقي پسند پارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي چيو آهي …